ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)باهه سبب تباهه ٿيل گل پلازا ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، ميزنائين فلور تان وڌيڪ 28لاشن جون باقيات مليون آهن، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو موجب باقيات مان 11 لاشن جي سڃاڻپ ٿي آهي.گم ٿيل ماڻهن جو انگ 85 هو.
ڊي آءِ جي ساؤٿ اسد رضا موجب، دڪاندارن ميزنائين فلور تي ماڻهن جي موجودگي بابت نشاندهي ڪئي هئي. سڀئي 20 لاش هڪ دبئي ڪراڪري (چيني ٿانون) جي دڪان مان مليا آهن. ڊي آءِ جي ساؤٿ موجب، ملبو هٽائڻ جو ڪم عارضي طور روڪيو ويو آهي، پهريون لاش ڪڍيا پيا وڃن. هن دڪان تي سيل لڳل هئي ۽ شادين جي شاپنگ لاءِ رات 2 وڳي تائين دڪان کليل هوندو هو.
گل پلازا ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ ماڻهن پاڻ کي بچائڻ لاءِ دڪان ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، انهن ماڻهن جي آخري موبائل لوڪيشن به ساڳئي هنڌ جي ظاهر ٿي هئي. اختيارين موجب هن عمارت ۾ 1002 دوڪانن جي اجازت هئي پر بعد 98 دوڪان غير قانوني طور ٺاهيا ويا. عمارت جي ڪل 16 ٻاهر نڪرڻ جا رستا هئا جن مان باهه لڳڻ وقت رڳو 2 کليل هئا ۽ 14 بند هئا.
دڪان مان اسان پاڻ 14 ماڻهن جون باقيات ڪڍيون آهن: دڪان مالڪ
ڪراڪري دڪان جي مالڪ سلمان چيو آهي ته اسان پاڻ دڪان مان 14 ماڻهن جون باقيات ڪڍيون آهن. اسان جو دڪان ميزنائين فلور تي آهي، واقعي وقت اسان جا ڪزن ۽ ملازم به موجود هئا، دڪان ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون ۽ ٻيا ماڻهو پڻ هئا.
هاڻي ملبي مان لاش نه پر باقيات ملي رهيون آهن: پوليس سرجن
پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه موجب، هاڻي تائين ٻن دڪانن مان 21 باقيات اسان وٽ آنديون ويون آهن. اسان في الحال پڪ سان نٿا چئي سگهون ته اهي 21 مڪمل لاش آهن يا ڪيترن ماڻهن جون باقيات ٿي سگهن ٿيون. اڄ صبح کان سول اسپتال ۾ رڳو باقيات ئي آنديون ويون آهن.
ڊاڪٽر سميه وڌيڪ ٻڌايو ته ملبي مان هاڻي لاش نه پر انتهائي خراب حالت ۾ باقيات ملي رهيون آهن، جن ۾ ٽٽل انساني هڏيون ۽ ٽٽل ڏند شامل آهن. هڏيون ٽٽل هجڻ سبب ڊي اين اي لاءِ سيمپل به نٿا وٺي سگهجن، جنهن ڪري ڊي اين اي ٽيسٽ نه ٿيڻ سبب باقيات وارثن حوالي ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ياد رهي ته حادثي ۾ وڌيڪ ٽن لاشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 17 لاش اڃا تائين ناقابلِ سڃاڻپ آهن.
تخريبڪاري جا ثبوت ناهن مليا، ڊمپر غائب ٿيڻ جي خبر غلط آهي: ايڊشنل آءِ جي
ايڊشنل آءِ جي ڪراچي موجب، گل پلازا واقعي ۾ هن وقت تائين تخريبڪاري جا ڪي به ثبوت ناهن مليا. واقعي جي بارڪ بيني سان جاچ جاري آهي، جڏهن ته ڊمپر غائب ٿيڻ بابت اطلاع غلط آهي.
ڪمشنر ڪراچي چيو آهي ته رمپا پلازا کي ڪجهه نقصان پهتو آهي، پر عمارت خطرناڪ ناهي. جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي رمپا پلازا کي غير محفوظ قرار ڏنو آهي. رمپا پلازا جي انتظاميا ۽ دڪان مالڪن کي نوٽيس جاري ڪري عمارت جي خطرناڪ حصن جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي.
گل پلازا سانحي بابت جاچ پڻ جاري آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڪمشنر ڪراچي کي ست فائلون جمع ڪرايون آهن. انهن ست فائلن مان ٽي گل پلازا سان لاڳاپيل زير التوا عدالتي ڪيسن ۽ خلافِ ضابطه تعمير بابت دستاويزن تي مشتمل آهن.
ايران ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، خامنائي پاران فوج کي تيار رهڻ جو حڪم
شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن
جهنگلي پکين جي غير قانوني شڪار تي پابندي لاڳو
گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي کي نقصان پهچي ها
حيدرآباد جي روڊ بابت ميڊيا جو ڪردار اهم آهي: مراد شاهه
ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا کي پاڪستان جي شڪست
قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف
حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم
28هين ترميم بهتري لاءِ ٿئي ته پ پ انهي جي حمايت ڪندي
بدين، زمين تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ، 1 قتل
سنگاپور سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري جو شڪ اتر ڪوريا تي ڇو آهي؟
”را“ سان لاڳاپا ۽ رياست مخالف سازش جا الزام رد، جوابدار جي سزا ختم
جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي
نصيرآباد: ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو
اسٽاڪ ايڪسچينج،ڪاروباري هفتي دوران مثبت لاڙو
ڪراچي:موٽرسائيڪل لفٽر سميت 3 جوابدار گرفتار
ايف بي آر آڪٽوبر جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ايڊز متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ، 3900 مريضن سان سنڌ اڳتي
ڪراچي واسي ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور










