گلگت: (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ چونڊن جي سلسلي ۾ وفاقي وزيرن، چيئرمين سينيٽ، صدر ۽ وزيراعظم جي چونڊ مہم لاءِ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر راجا شهباز خان چيو آهي ته گلگت بلتستان چونڊن ۾ ضابطا اخلاق تي هر صورت ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن به اميدوار ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي ته کيس نااهل قرار ڏئي سگهجي ٿو.اليڪشن ڪمشنر گلگت بلتستان ۾ چونڊن لاءِ قلم 234 نافذ ڪري ڇڏيو آهي. سندن چوڻ آهي ته سڀ سياسي جماعتون اليڪشن ڪميشن لاءِ هڪجهڙي اهميت رکن ٿيون، چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. قلم 234 تحت وفاقي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان مڪمل طور تي تيار آهي، جنهن کي ٽن زونن ۾ ورهايو ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر واضح ڪيو ته ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اميدوار يا لاڳاپيل شخص کي گلگت بلتستان مان نيڪالي (بدران) ڪري سگهجي ٿو.










