گلگت بلتستان جي 30 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

گلگت بلتستان جي 30 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اسيمبلي جي 30 نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو.گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر نذير احمد ايڊووڪيٽ نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.پيپلز پارٽي جي 13 ۽ ن ليگ جي 9 نون چونڊيل ميمبرن حلف کنيو، جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جي 6 ۽ ايم ڊبليو ايم جي هڪ ميمبر حلف کنيو. پي ٽي آئي جا حمايت يافته آزاد ميمبر پڻ حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن. هاڻي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ قائدِ ايوان (هائوس جي اڳواڻ) جو چونڊ عمل ڪيو ويندو.گلگت اسيمبلي جي اسپيڪر جي بي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ڏينهن جو 3 بجي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو