اسلام آباد(بيورو رپورٽ)موسميات کاتي موجب گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي سياحتي علائقن ۾ برفباري سبب ٿڌ جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. گلگت بلتستان جي جبلن تي ٻيهر برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، بابوسر، نانگا پربت ۽ بٽوگاه جي چوٽين تي وقفي وقفي سان برفباري جاري آهي، جڏهن ته ڪيتريون ئيگاڏيون برف ۾ ڦاسي پيون آهن. خيبرپختونخوا ۾ اڄ کان مينهن ۽ برفباري جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، ۽ 5 نومبر تائين برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. خيبرپختونخوا جي علائقن سوات، دير ۽ ڪالام جي جبلن تي به برفباري ٿي، جڏهن ته اپر هزارا ڊويزن ۾ سياري جي پهرين برسات ۽ اولا وسڻ کان پوءِ سردي ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي، ايتري قدر جو ڏينهن ۾ به رات جو ماحول محسوس ٿئي ٿو. ايوبيا، نٿياگلي ۽ ڇانگله گلي سميت مٿين گليات ۾ 2 کان 3 انچ تائين برف پئجي چڪي آهي. ٻئي پاسي مظفرآباد کان وادي نيلم تائين برسات ۽ برفباري سبب موسم وڌيڪ ٿڌي ٿي وئي آهي، جڏهن ته انتظاميا شهريَن کي هدايت ڪئي آهي ته خراب موسم دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن. پروونشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) پاران چيو ويو آهي ته خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ اڄ به وقفي وقفي سان برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، ۽ سڀني ضلعن جي انتظاميا کي اڳواٽ احتياطي قدم کڻڻ لاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.










