کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

غوثپور (ن سنڌيار) ھڪ مھينو اڳ ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي مان کنڀي گم ڪيل غوثپور واسي پورھيت ماجد اوڳاھي جي بازيابي لا۽ سندس وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين جي علامتي بک ھڙتال جي ڪئمپ لڳائي ويئي۔ ھڪ مھينو اڳ ڪراچي جي گلشن معمار واري علائقي ۾ ھوٽل تي مزدوري ڪري واپس گھر ويندي مبينه کنڀي گم ٿيل نوجوان ماجد اوڳاھي جي بازيابي لا۽ اڄ سندس وارثن۔ قوم پرست جماعتن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي سان واسطو رکندڙ ڌرين جي اڳواڻن علي اڪبر سنڌي۔ دادا لاشاري۔ ڪامريڊ ماجد اوڳاھي۔ صحافي اڪبر اوڳاھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھر جي مئن بس اڏي تي علامتي بک ھڙتال ڪري ڪئمپ ھنئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ھڪ مھينو ٿي ويو آھي اسانجي نوجوان کي جبري کنڀي کنيو ويو آھي جيڪو ھوٽل تي مزدوري ڪري پنھڻجا ٻچا پاليندو ھيو۔ اسان پوليس ۽ عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون ڪير به اسانجي واھر نٿو ڪري رڳو سکڻا دلاسا ڏيئي موٽايو وڃي ٿو۔ سندس وارثن آ۽ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته نوجوان ماجد اوڳاھي کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ته اسان عيد جو ڏھاڙو گڏجي ملھايون اسانجي گھر ۾ ماتم ڇانيل آھي ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو