گرين ڪلائيميٽ فنڊ، پاڪستان لاءِ 250 ملين ڊالر جي منظوري

گرين ڪلائيميٽ فنڊ، پاڪستان لاءِ 250 ملين ڊالر جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گرين ڪلائيميٽ فنڊ پاڪستان لاءِ 250 ملين ڊالر جي امداد منظور ڪئي آهي.ايشيائي ترقياتي بينڪ اعلان ڪيو ته قرض جي رقم گليشيئرز کان فارمز منصوبي لاءِ استعمال ڪئي ويندي، جيڪو ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مدد سان مڪمل ڪيو ويندو.اعلان ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي تحت، گليشيئرز مان نڪرندڙ پاڻي جي نظام کي ماحولياتي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪئي ويندي.ايشيائي ترقياتي بينڪ چيو ته امداد سوات ۾ هارين کي زراعت ۽ آبپاشي جون سهولتون فراهم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو