گرمي  ۾ شهرين کي ٻاهريان کاڌا ۽ شربت پيئڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت

گرمي ۾ شهرين کي ٻاهريان کاڌا ۽ شربت پيئڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمي وڌندي ئي مختلف قسمن جي انفيڪشنز (ڇوت جي بيمارين) جو خطرو وڌي ويندو آهي.طبي ماهرن ڪراچيءَ جي شهرين کي گرميءَ جي موسم ۾ ٻاهر جي کاڌن ۽ مشروبات کان پرهيز ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته غير معياري مشروبات ۽ کاڌن جي ڪري معدي جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن.طبي ماهرن شهرين کي وڌيڪ مشورو ڏنو آهي ته هلڪا ڪپڙا پائين، ٻاهر نڪرڻ وقت مٿو ڍڪين ۽ پاڻي اٻاري پيئن. طبي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته چمڙيءَ کي صاف ۽ خشڪ رکن ته جيئن ڊينم (ڏانهن) ۽ الرجيءَ کان بچي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو