گرلز ڪاليج سميت ٻين هنڌن تي ٿيل بيقاعدگين جو نوٽيس

گرلز ڪاليج سميت ٻين هنڌن تي ٿيل بيقاعدگين جو نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن سنڌ، نديم الرحمان ميمڻ جي صدارت هيٺ ملير ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت هڪ اهم جائزي وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ ڳوٺ ۽ شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ لائبريري ۽ آڊيٽوريم هال جي تعميراتي ڪم، مالي معاملن ۽ منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران سيڪريٽري ڪاليجز نديم ميمڻ ٻنهي ترقياتي منصوبن ۾ مالي بيقاعدگين، تعميراتي ڪم ۾ غيرمعمولي دير ۽ سرڪاري قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو سخت نوٽيس وٺندي ذميوار آفيسرن ۽ لاڳاپيل ٺيڪيدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا. هن لاڳاپيل ڪمپنين خلاف فوري قانوني ڪارروائي، شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ، رڪارڊ جي مڪمل جاچ ۽ سپرا (SPPRA) جي قانونن موجب ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون. اجلاس ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج مراد ميمڻ ڳوٺ واري منصوبي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جتي رڪارڊ جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته اڳوڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقصود علي شاهه ضابطن جي ابتڙ ٺيڪيدار ڪمپني ايم/ايس نيو ايم اي انٽرپرائزز کي تعميراتي اڳڀرائي مطابق ادائيگيون ڪرڻ بدران اڳواٽ رقم جاري ڪئي. نتيجي طور 9 ڪروڙ 55 لک 83 هزار رپين جي منظور ٿيل لاڳت مان 8 ڪروڙ 84 لک 21 هزار رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته منصوبي تي عملي اڳڀرائي صرف 60 سيڪڙو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سائيٽ تي ٿيل ڪم جي ماليت 5 ڪروڙ 75 لک 5 هزار رپيا آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 9 لک 16 هزار رپين جو تعميراتي ڪم اڃا رهيل آهي. ان سان گڏ، منظوري کان سواءِ وڏين پورسلين ٽائلس، يو پي وي سي (UPVC) دريون ۽ ڇت جي خاص ٽريٽمينٽ سميت اضافي شيون لڳايون ويون، جنهن سبب ميجرمينٽ بُڪ (MB) جي رڪارڊ ۾ سنگين تضاد پيدا ٿيا. ساڳئي ريت، شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ لائبريري ۽ آڊيٽوريم هال واري منصوبي جو به جائزو ورتو ويو، جتي ايم/ايس بُراق انٽرپرائزز جي شديد لاپرواهي سامهون آئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 11 ڪروڙ 11 لک 66 هزار رپين جي نظرثاني ٿيل لاڳت واري هن منصوبي تي هينئر تائين 6 ڪروڙ 58 لک 25 هزار رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٺيڪيدار کي 3 ڪروڙ 96 لک 12 هزار رپين جو محفوظ (Secured) ايڊوانس پڻ ڏنو ويو. ان جي باوجود منصوبي تي عملي اڳڀرائي صرف 40 سيڪڙو آهي ۽ ڪيترن ئي نوٽيسن ۽ فيلڊ انجنيئرن جي هدايتن باوجود سائيٽ تي ڪم بند پيل آهي. سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن نديم ميمڻ اجلاس دوران اڳوڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقصود علي شاهه کي مالي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي فوري شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ ۽ لکت ۾ وضاحت طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سيڪريٽري نديم ميمڻ ٻنهي ٺيڪيدار ڪمپنين کي فوري قانوني نوٽيس جاري ڪرڻ، تعميراتي سرگرميون بنا دير ٻيهر شروع ڪرائڻ ۽ ماضي جي دير بابت 15 ڏينهن اندر اطمينان بخش جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن عملي طور ڪم ٻيهر شروع نه ٿيو ته سپرا قانونن تحت ٻنهي ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي ڪارروائي ڪئي ويندي. سيڪريٽري نديم ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي گرلز ڪاليج منصوبي ۾ جمع لڳ ڀڳ 43 لک 49 هزار رپين جي سيڪيورٽي رقم ضابطن موجب ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ لائبريري ۽ آڊيٽوريم هال منصوبي ۾ ڏنل ڪروڙين رپين جي محفوظ ايڊوانس جي وصولي لاءِ پڻ قانوني ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. سيڪريٽري ڪاليجز لاڳاپيل آفيسرن کي ٻنهي منصوبن جي مسلسل نگراني، تعميراتي معيار جي سخت جانچ، مالي رڪارڊ جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ۽ سڀ قانوني گهرجون پوريون ڪندي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سيڪريٽري نديم ميمڻ چيو ته عوامي فنڊن ۾ بيقاعدگي، ترقياتي منصوبن ۾ غيرضروري دير ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ذميوار ماڻهن کي قانون موجب جوابده بڻايو ويندو. هن وڌيڪ يقين ڏياريو ته ٻنهي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان گڏ عملي (اسٽاف) جي منظوري جو عمل پڻ شروع ڪيو ويندو، جيئن گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج ۽ شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ لائبريري ۽ آڊيٽوريم هال کي بنا دير شاگردياڻين ۽ شاگردن لاءِ فعال بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ چيف انجنيئر محمد سليم شيخ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر عارفه راشد، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ انجنيئر سجاد علي ابڙو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد احمد ابڙو، سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن مان رمضان ميمڻ، بشير احمد ميمڻ ۽ ٻين نمائندن سميت اعليٰ آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو