گاڏي جي ٽڪر ۾ قتل ڪيس ۾ ڊرائيور کي 7 سال قيد

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ )عدالت ۾  گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو کي مارڻ جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڊرائيور کي 7 سال قيد 42 لک 61  هزار روپيا کان مٿي ڏنڊ جي سزا جو حڪم خبر موجب بدين جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ڪرمنل ٽرائلز ماڊل ڪورٽ جي جج عبدالقادر جي عدالت ۾  ماڊل ٿاڻي حد ۾ سيراڻي ڀرسان ڀڳڙا ميمڻ روڊ تي طيب ملاح اسٽاپ وٽ تيز رفتار سوزڪي جي ٽڪر ۾ علي خان گوپانگ نالي همراه کي مارڻ جي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوي سوزڪي ڊرائيور رياض منڌرو کي ست سال قيد 42 لک 31 هزار 2 سئو 5 روپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏنو جنهن بعد ضمانت تي آزاد جوابدار کي سينٽرل جيل موڪليو ويو ياد رهي ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل علي خان گوپانگ جي پٽ جان محمد چانگ جي فرياد تي اهڙو ڪيس ماڊل ٿاڻي بدين تي داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو