گاج ندي ۾ ٻوڏ واري صورتحال،انتظاميه غائب،زميني رابطا ڪٽجي ويا

گاج ندي ۾ ٻوڏ واري صورتحال،انتظاميه غائب،زميني رابطا ڪٽجي ويا

جوهي (ن سنڌيار)جوهي کيرٿر جابلو پٽي ۾ برسات کانپوء نئين گاج 10 فٽ وهي آيو گاج ندي ۾ ٻوڏ واري صورتحال کانپوء ڪاڇي جون مختلف نئيون وهي اچڻ سبب ڪاڇي جي يونين ڪائونسل ڊرگھ بالا جي سوين ڳوٺن جو جوهي ۽ دادو سان زميني رابطو ڪٽجي ويو خبر موجب گاج ندي ۾ ڏھ فٽ پاڻي اچڻ سبب گاج ندي ۾ ٻوڏ واري صورتحال ڪاڇي ۾ مختلف نئين وهي اچڻ سبب جوهي جي يونين ڪائونسل ڊرگھ بالا بهار شاھ ڍورو ۽ راڄو ڳنڍو وٽ رستو پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي جنهن سبب ڊرگھ بالا جا سوين ڳوٺن جو جوهي کان زميني رابطو ڪٽجي ويو رستو پاڻي هيٺ اچڻ ڪري علائقي واسي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو