ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪڻڪ جي وڪري جي حد ختم ڪرڻ ۽ في ايڪڙ پنج ٻورين جي شرط هڪ تمام اهم فيصلو آهي، سنڌ حڪومت جي فيصلي سان ننڍن هارين کي سڌو سنئون فائدو ٿيندو. هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاري پنهنجي پيداوار سرڪاري مرڪزن تي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي وڪرو ڪري سگهندا، ڪڻڪ جي سپورٽ قيمت 3500 رپيا مقرر ڪرڻ ۽ خريداري جو هدف 10 لک ميٽرڪ ٽن مقرر ڪرڻ حڪومت جي هاري دوست پاليسين جو ثبوت آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي خريداري مهم کي تيز ڪرڻ ۽ گهٽ خريداري وارن ضلعن ۾ قدم کڻڻ سان هدف حاصل ڪيو ويندو. هڪ ڏينهن اندر سنڌ بينڪ ذريعي هارين کي فيول سبسڊي جي فراهمي شفافيت ۽ ڪارڪردگي جي هڪ سٺي مثال آهي. هاڻي تائين ڪروڙين رپين جي بروقت ادائيگين سان هارين جو اعتماد وڌيو آهي. صوبائي وزير چيو ته ضلعي انتظاميا، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ميدان ۾ متحرڪ ڪيا ويا آهن ته جيئن هارين کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي، هاري پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري خريداري مرڪزن تي وڪرو ڪن.










