ڪڻڪ جو فصل تيار، خريداري مرڪز نه کليا

ڪڻڪ جو فصل تيار، خريداري مرڪز نه کليا

اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)ڪڻڪ جو بمپر فصل پچي تيار ٿي ويو ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ به اچڻ شروع ٿي وئي آهي پر سنڌ سرڪار طرفان مقرر ٿيل خريداري مرڪز اڃان تائين نه کلي سگهيا آهن. جنھن سبب آبادگار سرڪاري ريٽ بدران واپارين طرفان مقرر ڪيل مرضي جي ريٽن ۽ ناجائز ڪٽوتي تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آھن آبادگارن جو چوڻ ھيو ته مھانگائي عروج تي آهي اسان ڀاڻ به قطارن ۾ ھفتو ھفتو بيھي تمام بليڪ تي مھانگو خريد ڪري ڪڻڪ جو فصل تيار ڪيو آهي ڊيزل جون قيمتون به ڳاٽي ٽوڙ آھن جنھن سبب ھن سال فصل تي خرچ ماضي جي وقتن کان ٽيڻ تي گهڻو ٿيو آهي ان جي باوجود حڪومت اپاءَ نٿي وٺي. آبادگارن وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ جا سرڪاري خريداري مرڪز کولي بلاتفريق بارداڻي جي ورڇ ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو