هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي تربيت ۽ روزگار ملندو، ڌاڙيلن لاءِ پاليسي جاري

هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي تربيت ۽ روزگار ملندو، ڌاڙيلن لاءِ پاليسي جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪچي جي علائقن جي ڌاڙيلن لاءِ سرينڊر پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پاليسي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي وارن علائقن ۾ لاڳو ٿيندي، سرينڊر ڪندڙن کي قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.سنڌ جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته سرينڊر پاليسي عام معافي جو اعلان نه آهي، هٿيار ڦٽا ۽ گرفتاري ڏيندڙ ڌاڙيلن کي ڪيسز کي منهن ڏيڻو پوندو، ميڊيا ذريعي ظاهر ڪيو ويندو ته اها پاليسي امن جي لاءِ آهي، معافي جي لاءِ نه.پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن کان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويندو، سرينڊر ڪندڙن جي گهر ڀاتين کي قطعي طور تي حراسان نه ڪيو ويندو. ڪچي ۾ ٻارن ۽ عورتن لاءِ تعليمي، صحت ۽ فلاحي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، بند اسڪول ۽ ڊسپينسريون مرحليوار بحال ڪيون وينديون، هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن کي فني تربيت ۽ روزگار فراهم ڪيا ويندا.سنڌ جي گهرو وزارت سرينڊر پاليسي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جي گهرو وزارت ۾ ريڊ ريسل سيل به قائم ڪيو ويو آهي.صوبائي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته سوشل ۽ اڪنامڪ ڊوالپمينٽ جا منصوبا ڪچي جي علائقن ۾ شروع ڪيا ويندا. هر مهيني پاليسي جو جائزو وٺي زميني حقيقتن موجب ترميمون ڪيون وينديون، پوليس سان گڏوگڏ ضلعي ۽ ڊويزنل ڪميٽيون به نگراني ڪنديون. سنڌ جي گهرو وزارت موجب سرينڊر پاليسي قطعي طور تي سزا کان ڇوٽ لاءِ نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو