ڪي پي: 307 فوتين جي خاندانن ۾ 614 ملين رپيا ورهايا ويا

ڪي پي: 307 فوتين جي خاندانن ۾ 614 ملين رپيا ورهايا ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي چيف سيڪريٽري شهاب علي شاهه چيو آهي ته 307 فوت ٿيل ماڻهن جي خاندانن ۾ 614 ملين رپيا ورهايا ويا آهن.پشاور ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ امدادي رقم جي ورهاست جاري آهي، ۽ جلد ئي 89 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي به امدادي رقم ڏني ويندي.خيبر پختونخواهه جي چيف سيڪريٽري چيو ته بونير ۾ 237 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 332 ملين رپيا، سوات ۾ 20 فوت ٿيل ماڻهن جي خاندانن کي 40 ملين رپيا ۽ شانگلا ۾ 36 فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 72 ملين رپيا ورهايا ويا.هن چيو ته صوابي ۾ فوت ٿيل 42 ماڻهن، لوئر دير ۾ 5 ۽ بٽگرام ۾ 3 ماڻهن جي خاندانن ۾ به رقم ورهائي وئي. باجوڙ ۾ ٻوڏ ۾ فوت ٿيل 22 مان 21 ماڻهن جي خاندانن کي به امدادي رقم ڏني وئي. مانسهره ۾ فوت ٿيل 25 مان 14 ماڻهن جي وارثن ۾ 28 ملين رپيا ورهايا ويا.شهاب علي شاهه چيو ته زخمين ۾ امدادي چيڪ پڻ ورهايا ويا آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ متاثرين جو خيال رکيو پيو وڃي، حڪومت متاثر علائقن جي بحالي لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو