پشاور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن خيبرپختونخواهه جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي ۾ مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سمورن نون چونڊيل 9 ميمبرن شرڪت ڪئي.امير مقام جو چوڻ آهي ته هو مخالف ڌر سان گڏجي ڪي پي اسيمبلي ۾ مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندا.هن چيو ته مسلم ليگ ن جا ميمبر مرڪز ۾ خيبرپختونخواهه جي ڀرپور نمائندگي ڪندا.امير مقام وڌيڪ چيو ته مرڪز ۾ موجود ن ليگ وارا پنهنجي صوبي جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا.










