پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي کي مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي پارليامينٽرين جي وڌيڪ سيٽن جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته توهان ماڻهن کي اليڪشن ڪميشن وڃڻ گهرجي، ۽ اتي وڃڻ کان پوءِ هتي اچو. عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










