ڪي پي ۽ ڪشمير سميت مختلف شهرن ۾ برسات، موسم خوشگوار

ڪي پي ۽ ڪشمير سميت مختلف شهرن ۾ برسات، موسم خوشگوار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جن ۾ مانسهره، سوات، مالاڪنڊ شامل آهن، جڏهن ته مظفر آباد، نڪيال آزاد ڪشمير ۽ نيلم وادي ۾ به هلڪي ۽ تيز برسات پئي، ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب مرنات کان مکيه هاءِ وي بند ٿي وئي. ان دوران، جاگران نالي ۾ پاڻي ڀرجڻ سبب، ڪنڊل شاهي پاور هائوس بند ٿي ويو، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ان کان علاوه، لوئر ڪوهستان جيجل جي ويجهو قراقرم هاءِ وي مينهن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب بند ٿي ويو. ٻئي طرف سنڌ جي ميداني علائقن ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۽ لاهور ۾ هلڪي برسات موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو