ڪي پي ڪابينا ۾ وڏي اٿل پٿل، 8 وزيرن جا کاتا تبديل

ڪي پي ڪابينا ۾ وڏي اٿل پٿل، 8 وزيرن جا کاتا تبديل

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا جي ڪابينا ۾ وڏي تبديلي سامهون آئي آهي، 8 وزيرن جا قلمدان تبديل ڪيا ويا آهن ۽ 2 نون خصوصي معاونن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب خليق الرحمان کان ايڪسائيز جو قلمدان واپس وٺي کيس صحت کاتو ڏنو ويو آهي، احتشام خان کان صحت کاتو واپس وٺي کيس ايڪسائيز جو مشير مقرر ڪيو ويو آهي، ارباب عاصم کي تعليم کاتي جي ذميواري ڏني وئي آهي. صوبائي وزير فضل شڪور کي ليبر کاتي جي جاءِ تي سياحت، جڏهن⁠ته صوبائي مشير زاهد چن زيب کان سياحت جو قلمدان واپس وٺي ليبر کاتي جي ذميواري ڏني وئي آهي. صوبائي وزير پختون يار ۽ فخر جهان جا قلمدان به تبديل ڪيا ويا، پختون يار کي راندين جو کاتو ۽ فخر جهان کي پبلڪ هيلٿ جو قلمدان مليو آهي. باجوڙ کان ايم پي اي حميد الرحمان کي ڪابينا ۾ شامل ڪري معاون خصوصي مقرر ڪيو ويو، جڏهن⁠ته امجد علي کي معاون خصوصي مان وزير براءِ هائوسنگ بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته 30 سيپٽمبر تي خيبر پختونخوا حڪومت جا ٻه وزير، عاقب الله خان ۽ فيصل ترڪئي، پنهنجي عهدن تان استعيفا ڏئي چڪا هئا، ٻنهي وزيرن تي علي امين گنڊا پور خلاف سازش جو الزام هو. ذريعن موجب، وزيراعليٰ علي امين گنڊا پور ٻنهي وزيرن جي باري ۾ باني پي ٽي آءِ عمران خان کي شڪايت ڪئي هئي ۽ ان بعد سندن استعيفا قبول ڪندي فارغ ڪيو هو. عاقب الله آبپاشي ۽ فيصل ترڪئي تعليم جا وزير هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو