ڪي پي حڪومت جو هريپور چونڊن ۾ ڌانڌلي جي انڪوائري جو فيصلو

ڪي پي حڪومت جو هريپور چونڊن ۾ ڌانڌلي جي انڪوائري جو فيصلو

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت تازو ئي هريپور ۾ ٿيل ضمني چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي شڪايت تي انڪوائري جو فيصلو ڪري ورتو آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار شفيع جان چيو آهي ته وزيراعليٰ سهيل آفريدي هريپور ضمني چونڊن جي انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي. ڪلاس فور کان وٺي ڊي سي تائين انڪوائري ٿيندي، ڪوبه ملوث نظر آيو ته سخت سزا ڏني ويندي.شفيع جان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اسان جا ماتحت آفيسر ملوث نه آهن پوءِ به انڪوائري ڪري رهيا آهيون، منهنجي خيال ۾ سهيل آفريدي جهڙي طرح چونڊون منعقد ڪيون انهي جي مثال نٿي ملي.هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي هريپور چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت ريفرنس به اماڻي رهيا آهيون اسان پرزائيڊنگ آفيسرن جا بيان به بلند ڪري رهيا آهيون، انهي سان گڏوگڏ پرزائيڊنگ آفيسرن جا حلفيه بيان به وٺي رهيا آهيون.ياد رهي ته هريپور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 18 ۾ تازو ئي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب خان جي گهر واري کي مسلم ليگ(ن) جي بابر نواز خان شڪست ڏني هئي. پاڪستان تحريڪ انصاف الزام لڳايو هو ته هري پور جي ضمني چونڊن ۾ انهن جي حمايت يافته اميدوار 25 هزار ووٽن تان کٽيو پر فارم 47 ۾ انهي کي شڪست ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو