121 مخصوص سيٽن جي چونڊ مڪمل، پ پ جون 155 سيٽون

121 مخصوص سيٽن جي چونڊ مڪمل، پ پ جون 155 سيٽون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ڪي ايم سي ۾ 121 بلدياتي مخصوص نشستن جو حتمي پارٽي ڪوٽا ۽ ترجيح فهرستن مطابق ڪامياب اميدوارن کي فهرست جاري ڪئي وئي جاري فهرست جي مطابق پيپلزپارٽي کي 51، جماعت اسلامي کي 43، تحريڪ انصاف کي 20 ۽ مسلمل يگ (ن) کي 6، ۽ جمعيت علماءِ اسلام کي هڪ نشست ملي جنرل ۽ مخصوص نشستن سان گڏ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جي 155، جماعت اسلامي130، تحريڪ انصاف 62، مسلم ليگ (ن) 14، ۽ جمعيت علماءِ اسلام 4 ۽ تحريڪ انصاف جي هڪ نشست آهي ڪي ايم سي ۾ عورتن جي 81 مخصوص نسشتن ۾ پيپلزپارٽي کي 34، جماعت اسلامي کي 29، تحريڪ انصاف کي 14، مسلم ليگ (ن) کي 3 ۽ جمعيت علماءِ اسلام کي هڪ نشست ملي نوجوانن جي 12 مخصوص نشستن ۾ پيپلزپارٽي کي 5، جماعت اسلامي کي 4، تحريڪ انصاف کي 2، مسلم ليگ (ن) کي هڪ نشست ملي ڪسان مزدور جي 12 مخصوص نشستن ۾ پيپلزپارٽي کي 5، جماعت اسلامي کي 4، تحريڪ انصاف کي 2 ۽ مسلم ليگ (ن) کي هڪ نشست ملي غير مسلم جون 12 مخصوص نشستن ۾ پيپلزپارٽي کي 5، جماعت اسلامي کي 4، تحريڪ انصاف کي 2، ۽ مسلم ليگ (ن) کي هڪ نشست ملي جڏهن ته معذور جي ٻه مخصوص نشستن سان جماعت اسلامي ۽ پيپزلپارٽي کي هڪ هڪ سيٽ ۽ خواجه سرا جي مخصوص ٻن نشستن ۾ پيپلزپارٽي ۽ جماعت سلامي کي هڪ هڪ نشست ملي ياد رهي ته ضلعي ڪيماڙي جي ماڙيپور ٽائون جي يونين ڪميٽي نمبر 7 سلطان آباد اڃا تائين نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو ۽ معاملو عدالت ۾ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو