ڪي اليڪٽرڪ کي ممبئي مان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي،عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد خان لوڊشيڊنگ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ بجليءَ جي ورڇ کي ممبئي مان ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، شهر ۾ ڪنهن کي ڪيتري بجلي مهيا ڪئي ويندي، اُن جو ڪنٽرول ممبئيءَ مان سنڀاليو پيو وڃي. ايئن پيو لڳي ته ڪمپني جا تانا بانا ممبئي مان ئي نڪرندا.ازخود نوٽيس واري ڪيس جي ڪاروائي دوارن ڪي اليڪٽرڪ جو ايم ڊي، سي اي او، چيئرمين نيپرا سميت مختلف آفيسر پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي مامري ۾ ماڻهن جا ذاتي مفاد اچي ويا آهن، پاور ڊويزن پهرين هڪڙي هئي، حڪومت اُن جا 10 ٽڪرا ڪري ڇڏيا، پاور ڊويزن جو پهرين هڪڙو سيڪريٽري هو، هاڻي 25 سيڪٽري ٿيڻ باوجود اُنهن کان ڪم نه ٿي رهيو آهي، نظام کي ڪير به نه پيو ڏسي، اٽارني جنرل چيو ته آئون چئمبر ۾ بريفنگ ڏيڻ گهران ٿو، اسان کي وقت ڏنو وڃي ته سڀ ڪجهه بهتر ٿي ويندو. جسٽس فيصل عرب چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وڌيڪ بجلي پيدا ڇو نه ٿي ڪري، ڪمپني جي وڪيل چيو ته 900 ميگا واٽ جي پيداوار لاءِ نيپرا کي درخواست ڏني آهي. جسٽس اعجاز الحسن پڇو ته نيپرا ڇا ڪيو ان باري ۾، چيئرمين نيپرا چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارن پاڻ ئي ان خلاف اسٽي ورتو آهي. چيف جسٽس پڇو ته ڪي اليڪٽرڪ جو مالڪ ڪير آهي، ڪمپني جي وڪيل علي ظفر چيو ته 9 ڊائريڪٽر آهن، ڪويت ۽ سعودي عرب جي بزنس پارٽنرشپ ۾ هلي ٿي. چيف جسٽس چيو ته انهن جي پويان به ته گروپ هوندا ۽ آخر ۾ مالڪ ممبئي جو نڪرندو. علي ظفر چيو ته ايئن ناهي. چيف جسٽس چيو ته مسٽر شرما ڪير آهي، اسان ته اخبار م پڙهيو ته ممبئي وارا شيئر هولڊر آهن، اڌ ڪراچي انڌيري ۾ آهي رات جو اڌ شهر جاڳي پيو گذاري، مونکي روز ميسيج اچن ٿا، علي ظفر چيو ته ممبئي جو ڪو به شيئر هولڊر ناهي، بعد ۾ عدالت وفاقي حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ وارن کي چيمبر ۾ برينفنگ لاءِ طلب ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارا ڊفالٽر آهن، انهن کي جيل به موڪلي سگهجي ٿو ۽ ڏنڊ به هڻي سگهون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو