ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 7.60 رپيا گهٽتائي، فيصلو جاري

ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ 7.60 رپيا گهٽتائي، فيصلو جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي-اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ في يونٽ 7.60 رپيا گهٽتائي جو حڪم ڏنو آهي،نيپرا مالي سال 2024 کان 2030 تائين پنهنجي گھڻ-سالا ٽيرف جي نظرثاني لاءِ ڪي-اليڪٽرڪ جي درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو آهي، فيصلي جي تحت، نيپرا ڪي-اليڪٽرڪ جي سراسري ٽيرف کي 39.97 رپيا في يونٽ کان گهٽائي 32.37 رپيا في يونٽ ڪري ڇڏيو آهي، نيپرا عملدارن چيو ته دعوائن جي حق بابت نيپرا جو اڳوڻو فيصلو لاڳو رهندو، جڏهن ته هي فيصلو ڪي-اليڪٽرڪ جي پيداوار، ٽرانسميشن، ورڇ ۽ فراهمي سان لاڳاپيل آهي، نيپرا جي فيصلي جي تحت، ڪي-اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۾ في يونٽ 7.60 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته، دعوائن جي حق جي لحاظ کان صارفين تي 50 ارب رپين جو بار برقرار رکيو ويو آهي، ٻئي طرف، ڪي اي اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو ته اهي نيپرا جي فيصلي جو تفصيل سان جائزو وٺي رهيا آهن. اهو فيصلو ڪي اي اليڪٽرڪ جي پيداوار، ٽرانسميشن، ورڇ ۽ سپلائي ڪاروبار جي ڪيترن ئي پهلوئن کي ڍڪي ٿو، جڏهن ته ڪمپني ان حوالي سان سڀئي قانوني طريقا اختيار ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو