ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيزز (KIKD) بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اداري جي طبي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، نئين بلاڪ جي تعمير ۽ مريضن کي جديد طبي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيزز کي جديد معيارن موجب وڌيڪ ترقي ڏني ويندي، جڏهن ته اداري جو دائرو سڄي شهر تائين وڌائيندي مختلف علائقن ۾ سيٽلائيٽ سينٽر پڻ قائم ڪيا ويندا، جيئن گردن جي بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي پنهنجي ويجهو معياري علاج جون سهولتون فراهم ٿي سگهن.ان موقعي تي ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پنهنجي طرفان ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيزز لاءِ هڪ جديد ڊائلاسز مشين ۽ آر او پلانٽ فراهم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. هن چيو ته شهرين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. ميئر ڪراچي سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل سروسز ڊاڪٽر بابر خان کي هدايت ڪئي ته نئين بلاڪ لاءِ مناسب جڳهه جو فوري طور انتخاب ڪيو وڃي ۽ جلد کان جلد تعميراتي ڪم شروع ڪيو وڃي، جيئن مريضن کي وڌيڪ بهتر ۽ وسيع طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهري حڪومت جي دور ۾ نه رڳو ڪراچي جي بنيادي ڍانچي ۾ نمايان بهتري آئي آهي، پر طبي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ سهولتن ۾ پڻ مسلسل واڌارو ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي جو ڪڊني انسٽيٽيوٽ هڪ معتبر طبي ادارو آهي، جتي نه رڳو ڪراچي پر سڄي ملڪ مان ايندڙ مريض علاج جون سهولتون حاصل ڪن ٿا، تنهنڪري اداري جي وڌيڪ توسيع وقت جي اهم ضرورت آهي. اجلاس ۾ ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ڪڊني ڊزيزز جي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر خرم دانيال، سينيئر ڊائريڪٽر ڪوآرڊينيشن اخلاق احمد يوسفزئي، سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل سروسز ڊاڪٽر بابر خان ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.










