ڪينيڊا جي چونڊ حڪمران لبرل پارٽي کٽي ورتي

ڪينيڊا جي چونڊ حڪمران لبرل پارٽي کٽي ورتي

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي حڪمران لبرل پارٽي، آمريڪي صدر ٽرمپ جي واپاري جنگ ۽ الحاق جي ڌمڪين بعد ٿيل عام چونڊن ۾ ميدان ماري ورتو آهي. وزيراعظم مارڪ ڪارني، جنهن ٽرمپ جي ڌمڪين جي مقابلي ۾ ڪينيڊا جو دفاع ڪندڙ طور مهم هلائي، لبرلز کي لڳاتار چوٿون ڀيرو اڪثريت ڏياري آهي ـ اها پارٽي جيڪا ڪجهه مهينا اڳ تائين ڪنزرويٽو پارٽي هٿان سخت شڪست جي خطر ۾ هئي، تنهن کي ٽرمپ مخالف بيانيي چونڊ کٽرائي آهي. اڱاري ڏينهن پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي تائين، لبرل پارٽي 343 سيٽن مان 168 سيٽون حاصل ڪيون، جيڪي مڪمل اڪثريت (172 سيٽن) کان صرف چار گهٽ هيون، جڏهن ته ڪنزرويٽو پارٽي 144 سيٽون کٽيون. بي ڪيو پارٽي 23، اين ڊي پي 7 ۽ گرين پارٽي هڪ سيٽ کٽي آهي. صدر ٽرمپ اڃا تائين لبرل پارٽي جي ڪاميابي بابت ڪو به بيان ناهي ڏنو، جيتوڻيڪ عام طور تي سمجهيو وڃي ٿو ته هي نتيجو سندس عملن ۽ تڪراري بيانن جو نتيجو آهي ـ خاص ڪري سندس اليڪشن کان اڳ وارو اهو مشورو ته ڪينيڊا کي آمريڪا جي “محبوب 51هين رياست” بڻجڻ گهرجي. ڪاميابي واري تقرير دوران، وزيراعظم ڪارني سختي سان خبردار ڪيو ۽ ڪينيڊا جي شهرين کي صدر ٽرمپ جي خطري جي مقابلي لاءِ متحد رهڻ جي اپيل به ڪئي. “آمريڪا اسان جي زمين، اسان جا وسيلا، اسان جو پاڻي، اسان جو ملڪ چاهي ٿو”، هن چيو. “صدر ٽرمپ اسان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن آمريڪا اسان جو مالڪ بڻجي سگهي؛ اهو ڪڏهن به نه ٿيندو… پر اسان کي اهو به مڃڻو پوندو ته اسان جي دنيا بنيادي طور تي تبديل ٿي چڪي آهي.”يورپي يونين ۽ يورپ جي اڪثر ملڪن، چين، آسٽريليا، برطانيا به لبرل پارٽي جي فاتح اڳواڻ کي مبارڪباد ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو