داخل ڪيس تي فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي به ساڳيو ڪيس هو: فواد

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته منهنجي عدالت ۾ پيشي تي ايتري پوليس لڳائي وئي ڄڻ مان جيمز بانڊ آهيان.رات دير سان لاهور مان گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي پوليس ٽرانزٽ رمانڊ لاءِ ڪينٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته فواد چوڌري جي وڪيلن ٽرانزٽ ريمانڊ جي مخالفت ڪئي.عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پوليس منهنجي پيشي سان اهڙو سلوڪ ڪيو آهي ڄڻ مان جيمز بانڊ آهيان، جنهن طريقي سان مون کي گرفتار ڪيو ويو اهو مناسب نه هو، مان پاڻ کي فون ڪريان ها. فواد چوڌري چيو ته مان چوان ٿو ته 22 ڪروڙ ماڻهن تي ڪيس ٿيڻ گهرجن، جن مون کي گرفتار ڪيو انهن کي شرم ايندي، پوليس ٻڌائي ته مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو ان تي کيس فخر آهي، نيلسن منڊيلا تي به ساڳيو ئي ڪيس داخل ڪيو ويو، چيو پيو وڃي ته مون بغاوت ڪئي، مان اڳوڻو وفاقي وزير ۽ سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهيان، مون سان عزت ۽ وقار سان سلوڪ ڪيو ويو

پهنجو تبصرو موڪليو