ڪراچي(م ڊ) ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته شهر جون سڀئي وڏيون شاهراهون صاف ٿي ويون آهن، جتي جتي اڃا به مسئلا آهن، انهن سان نمٽڻ لاءِ ڪم جاري آهي۔ مرتضيٰ وهاب، جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته شهر جون سڀئي وڏيون شاهراهون ڪليئر ٿي ويون آهن، جتي جتي سڙڪن تي پاڻي جمع آهي، اُتي نيڪالي جو ڪم ٿي رهيو آهي۔ ميئر ڪراچي ٻڌايو ته سندس ڄاڻ مطابق ڪراچي ۾ 235 ملي ميٽر برسات ٿي آهي، جڏهن ته شهر وٽ صرف 40 ملي ميٽر برسات برداشت ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي۔ هن نالن جي صفائي بابت تنقيد رد ڪندي چيو ته: “جيڪڏهن نالن جي صفائي نه ڪئي وڃي ها ته پاڻي جي نيڪالي ڪيئن ٿي ها؟ هن وقت تائين 30 لک 24 هزار ڪيوسڪ فوٽ پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي. جيڪي ڪوتاهيون ٿيون آهن، انهن ۾ سڌارو آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين.” صوبائي وزير ناصر شاهه به چيو ته هي هڪ غيرمعمولي برساتي اسپيل هو جيڪو لڳاتار رهيو، ماڻهن کي ڏاڍي تڪليف ٿي آهي، جنهن تي اسان معذرت خواهه آهيون، جيڪڏهن وڌيڪ برسات ٿي ته نمٽڻ لاءِ مڪمل انتظامات موجود آهن۔ ان کان اڳ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو هو ته: “تنقيد ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي، پر حقيقتون به ڄاڻڻ گهرجن. شهر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳاتار برسات ٿي، اسان سڀ سڙڪن تي آهيون ۽ صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون.” ميئر ڪراچي جي دعوا پنهنجي جاءِ تي پر حقيقت ۾ صورتحال ان جي برعڪس آهي. سنڌيار جي نمائندن موجب برسات سبب جمع ٿيل پاڻي جي نيڪاسي اڃا تائين مڪمل طور تي نه ٿي سگهي آهي ۽ ڪراچي جي علائقن ٽاور، آءِ آءِ چندريگر روڊ، شارع فيصل تي ايف ٽي سي، پي اي ايف ميوزيم ويجهو به برساتي پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته يونورسٽي روڊ تي صفورا واري هنڌ به برساتي پاڻي جي نيڪاسي اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔ ان کان علاوه ڪراچي جي ريڊ زون، شاهين ڪمپليڪس کان آرٽس ڪائونسل تائين ايم.آر. ڪِياني روڊ، ضياءُالدين احمد روڊ تان به پاڻي نه نڪتو آهي، جنهن سبب ڊاڪٽر ضياءُالدين احمد روڊ جو هڪ ٽريڪ ڪلهه کان ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جڏهن ته ڊرگ روڊ ۽ ناظم آباد انڊرپاس به اڃا تائين بند آهن۔ گورنر هائوس جي ايوان صدر روڊ تي به پوليس لائين تائين پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته کارا در، ايم اي جناح روڊ تي بولٽن مارڪيٽ جي ڀرپاسي ۽ جامع سنڌ مدرسه الاسلام ۾ به اڃا تائين پاڻي گڏ ٿيل آهي۔ عيسيٰ نڪري ڀرسان روڊ تي به اڃا تائين گوڏن تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي ۽ گذريل رات خراب ٿيل گاڏيون اڄ به روڊ جي ڪنارن تي بيٺل ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن۔










