ڪوڙيون خبرو ڦهلائيندڙ خلاف ڪريڪ ڊائون، 32 ڄڻا گرفتار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته گذريل رات ڪارروائي دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جعلي خبرون هلائيندڙن ۽ پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ پابندي مڙهيل جماعت جي 32 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير ڪنهن پارٽي جو نالو ناهي ورتو، پر ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هن پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي ميمبرن کي خبردار ڪيو هو ته اهي جعلي خبرون ڦهلائڻ کان پاسو ڪن. ”اهي ماڻهو جعلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي نفرت آميز پروپيگنڊا پکيڙي رهيا هئا،“ هن وڌيڪ گرفتارين جو اشارو ڏيندي چيو ته ”جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف هڪ وڏو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو