ڪوٽ غلام محمد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا

ڪوٽ غلام محمد ۾ هٿياربندن جي ڪاهه، چاچو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا

ميرواهه گورچاڻي: (ن س) ڪوٽ غلام محمد شھر ڀرسان ڪوٽ غلام محمد شاخ جي پاسي سان ويگو گاڏي ۾ سوار 6 ھٿياربند گھر ۾ گھڙي ڌاڙو ھڻڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي سرن جي بٺي مالڪ حاجي وڪيل خان پٺاڻ ۽ سندس ڀائيٽي کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.اهڙي اطلاع تي ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪري ناڪا بندي ڪرڻ بعد ويگو گاڏي سوڌو 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته 3 جوابدار فرار ٿي ويا آھن.گرفٿار جوابدارن ۾ ٽنڊو آدم واسي محمد قاسم ولد فتح محمد جوڻيجو، لطف شاهه کپرو واسي روشن علي جوڻيجو کي گرفتار ڪري ورتو آھي.پوليس پاران مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد منتقل ڪيا ويا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو