ڪوٽڙي، جهيڙي جو زخمي فوت، انگ 2 ٿي ويو، جوابدار گرفتار

ڪوٽڙي، جهيڙي جو زخمي فوت، انگ 2 ٿي ويو، جوابدار گرفتار

ڪوٽڙي (ن س): ڪوٽڙي ڀرسان ڪارو کُهو واري علائقي ۾ ٽي ڏينهن اڳ ملاح برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل خونريز جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ابراهيم ملاح ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ واقعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي پوليس قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 4 نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.واقعي واري ڏينهن جهيڙي دوران شيراز ملاح مارجي ويو هو، جڏهن ته فائرنگ، لٺين ۽ ڪهاڙين جي استعمال سبب عامر، عزيز، سجاد، ابراهيم، وڪيو، شهزاد ۽ ارشاد ملاح زخمي ٿيا هئا. ملاح برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ اڳ ئي اختلاف موجود هئا، جڏهن ته موٽر سائيڪل جي ڪراسنگ تان ٿيل معمولي تڪرار بعد خونريز جهيڙي جي صورت اختيار ڪري ويو. جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين پاران لٺين، ڪهاڙين ۽ فائرنگ جو استعمال ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ ڄڻو موقعي تي مارجي ويو. زخمين کي علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو، جتان عزيز، ارشاد ۽ ابراهيم ملاح جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي جي سول اسپتال ۽ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو. علاج دوران ابراهيم ملاح زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد واقعي ۾ فوتين جو انگ 2 ٿي ويو. هوڏانهن ڪوٽڙي پوليس قتل ڪيس ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪندي 4 نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب واقعي جو ڪيس ڪرائيم نمبر 351/2026 تحت پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلمن 302، 324، 147، 148، 149، 504 ۽ 337-H(ii) تحت سجاد علي ملاح جي فرياد تي ڪوٽڙي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو جي نگراني ۽ ايس ايچ او ڪوٽڙي انسپيڪٽر غلام اصغر تنيو جي سربراهي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي محمد يوسف ملاح، قربان علي ملاح، محمد صالح ملاح ۽ شهزاد عرف بالو ملاح کي گرفتار ڪيو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته ڪيس جي ٻين رخن تي پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ايس ايس پي ڄامشورو چيو آهي ته قتل، فائرنگ ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي جاري رهندي. هن چيو ته هر صورت ۾ قانون جي بالادستي يقيني بڻائي ويندي ۽ واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن خلاف پڻ قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو