ڪوهاٽ ۾ طوفاني مينهن، پاڻي گهرن ۾ داخل، 11 ڄڻا فوت

ڪوهاٽ ۾ طوفاني مينهن، پاڻي گهرن ۾ داخل، 11 ڄڻا فوت

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ)ڪوهاٽ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برسات سبب پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.ريسڪيو اختيارين موجب دره آدم خيل جي علائقي پرانا بازي خيل ۾ برساتي پاڻي گهر ۾ داخل ٿي ويو، گهر ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب ٿاڻي ۾ موجود هڪ ئي خاندان جا 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيل ماڻهو گهر جي بيسمينٽ ۾ سمهي رهيا هئا ته پاڻي گهر ۾ داخل ٿي ويو، 11 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻي جي ڳولا جاري آهي.ذريعن موجب تري ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙن ۾ هڪ ئي خاندان جا 6 ٻار، 3 عورتون ۽ 2 مرد شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو