ڪوهاٽ ۾ گڏيل آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوهاٽ ۾ گڏيل آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوهاٽ: (ويب ڊيسڪ) لاچي ٿاڻي جي حد ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڪوهاٽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي خلاف وڏو آپريشن ڪيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.ڊي پي او ڪوهاٽ شهباز الاهي موجب سي ٽي ڊي ۽ ڪوهاٽ پوليس کي ڳجهي اطلاع ملي هئي ته لاچي ٿاڻي جي مختلف علائقن ۾ دهشتگرد موجود آهن، جيڪي ڪنهن وڏي ڪارروائي جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن.اهڙي اطلاع ملڻ تي سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي ڳري نفري گڏيل سرچ اينڊ اسٽرائيڪ آپريشن شروع ڪيو. آپريشن جي دوران دهشتگردن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن تي پوليس ۽ سي ٽي ڊي اهلڪارن جوابي ڪارروائي ڪئي.فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته انهن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا علائقي کي مڪمل طور تي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو