ڪورونا ويڪسين جي پهرين کيپ پاڪستان پهچي وئي

ڪورونا ويڪسين جي پهرين کيپ پاڪستان پهچي وئي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) چين مان ڪورونا وائرس ويڪسين سائنو فارم جي پهرين کهيپ پاڪستان پهچي وئي آهي.پاڪستان ايئرفورس جو جهاز ڪورونا جي ويڪسين وٺڻ لاءِ گذريل ڏينهن بيجنگ روانو ٿيو هو. وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر  فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين سڀني کان پهريان فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز کي ئي ڏني ويندي.هن چيو ته اين سي او سي ۽ صوبن ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز ۽ ان جي ڪاوشن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو