ميرپور ماٿيلو (ن س) ڪورونا وائرس سبب سنڌ حڪومت جي خصوصي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم هنگامي بنيادن تي سنڌ ۽ پنجاب بارڊر جزوي طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ سنڌ کان پنجاب توڙي پنجاب کان سنڌ طرف گاڏيون اچي وڃي نه سگهنديون، لاڳاپيل ادارن کي عمل ڪرائڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.










