گھوٽڪي (ن س )ميمبر قومي اسيمبلي سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته ڪورونا، ٻوڏ ۽ معاشي مشڪلاتن باوجود گهوٽڪي ۾ ترقي جو سفر جاري آهي، ضلعي جي تاريخ ۾ ايترو ڪم ڪڏهن ناهي ٿيو، انهن علائقن ۾ به روڊ تعمير ڪرايون پيا جتي ڪڏهن ترقي نه ٿي هئي، اسان جو مقصد عوام کي لاڀ پهچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف علائقن ۾ 37 ڪروڙن جي لاڳت سان تعمير توڙي مرمت ٿيندڙ روڊن جو افتتاح ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ، اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙه بابر علي، مختيارڪار خالد لانگاه سميت لاڳاپيل آفيسر ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي ميمبر قومي اسيمبلي ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اولين ترجيح عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، اسان چاهيون ٿا ته هتان جي ماڻهن جون مشڪلاتون گهٽ ٿين اهو ئي سبب آهي جو ڪورونا، ٻوڏ ۽ معاشي مڪشلاتن باوجود ترقي جو سفر جاري آهي، ضلعي جي تاريخ ۾ ايترا ترقياتي ڪم ناهن ٿيا جن هن ڀيري ٿين پيا. هن چيو ته عوامي ضرورت ۽ مڪشلاتن کي نظر ۾ رکندي اسڪيمن تي ڪم ڪريون پيا، انهن علائقن ۾ به روڊ تعمير ڪرايون پيا جتي ڪڏهن ترقي نه ٿي هئي، ترقي جو اهو سلسلو جاري رهندو، ڪنهن کي به مايوس نه ڪنداسون. سردار محمد بخش خان مهر خانڳڙه، گهوٽڪي ۽ جروار جي جن روڊن جو افتتاح ڪيو انهن ۾ نڀائو عالماڻي کان رئيس ڪوڙو مهر، نارو باغ کان ڳوٺ دلشاد گڏاڻي، ڳوٺ جلال الدين مهر يوسي ڀيٽور، لانڍيون مهر نهنڊي کان ڳوٺ ڪبير مهر، عادلپور کان قاضي بادل، مين روڊ جروار کان خانپور ۽ جروار بائي پاس خانپور مهر کان ميرپور ماٿيلو روڊ شامل آهن










