ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي زمان ٽائون ۾ شهريءَ ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.عيني شاهدن موجب شهريءَ جي فائرنگ سان دڪان تي عورت کي لُٽيندڙ 6 ڌاڙيل فرار ٿي ويا.عيني شاهدن ٻڌايو ته ڦر ۾ ملوث 5 جوابدار بدحواس ٿي پيادل ڀڄي ويا، جڏهن ته انهن مان هڪ جوابدار اڪيلو بائيڪ (موٽرسائيڪل) تي فرار ٿي ويو.










