ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان پوليس پاران تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي کي سنڌ پوليس حوالي ڪيو ويو.اعظم سواتي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته سنڌ پوليس اعظم سواتي کي حراست ۾ ورتو آهي، کيس خاص جهاز ذريعي سنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي.ان حوالي سان قاسم سوري جو چوڻ آهي ته اعظم خان سواتي کي سنڌ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان آزادي واري حڪم کانپوءِ کيس سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ افسوسناڪ آهي.










