ڪوئٽا ۽ گوادر ۾ استعمال ڪيل خود ڪش بمبار افغاني هئا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آھي تھ طالبان پاران سيپيڪ جو حصو بڻجڻ ۽ پاڪستان جيان چين سان دوستي ڪرڻ وارو بيان ساراهه جوڳو آهي. نيوز ڪانفرنس ۾ هن چيو ته سيپيڪ پاڪستان جي لائيف لائن آهي ون بيلٽ ون روڊ منصوبو چين کان ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا تائين ويندو. شيخ رشيد چيو ته ڪوئٽا مستونگ روڊ تي ايف سي چيڪ پوسٽ ۽ گوادر ۾ حملا ڪندڙ آپگهاتي بمبار افغانستان کان آيا هئا، ٻنهي حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جي اختيارين خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪابه پناهگير ڪيمپ نه آهي ۽ نه ئي ٺاهي پئي وڃي، وزيراعظم فيصلو ڪندو ته پاڪستان کي ڪڏهن ۽ ڇا ڪرڻو آهي، بلاول ڀٽو، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان جي سياست ختم ٿي وئي، مستقبل ۾ ملڪي سياست ۾ افغانستان جو وڏو عمل دخل هوندو، اسلام آباد اچڻ جون ڳالهيون ڪندڙ عقل جا انڌا آهن، حڪومت جمهوريت ۽ دنيا کي گڏ کڻي هلڻ گهرون ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو