ڪوئٽا کي لاهور پاران 8 وڪيٽن تان بدترين شڪست

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڇنڇر تي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻئي ميچ ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي دفاعي چيمپئن ڪوئٽا گليڊيئٽرز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. شاهين آفريد جلدي شين واٽسن کي پهرين بال تي بولڊ ڪري گيم جو پاسو پلٽي ڇڏيو. ڪوئٽا جي بيٽنگ لائن بري طرح ناڪام ٿي وئي ۽ 9 ڪيٽن تي 98 رنز ٺاهي سگهي.لاهور جي ٽيم گهربل ٽارگٽ 11.5 اوورز ۾ حاصل ڪري 8 وڪيٽن تان ميچ کٽي ڪوئٽا کي بدترين شڪست ڏني. فخرالزمان هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 13 بالن تي 20 رنز ٺاهي محمد نواز جي بال تي بولڊ ٿي ويو. ڪپتان سهيل اختر 5 بالن تي 5 رنز ٺاهي نواز جي بال تي اسٽمپ آئوٽ ٿيو. محمد حفيظ هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 32 بالن تي 39 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. بين ڊنڪ هڪ ڇڪي 3 چوڪن جي مدد سان 21 بالن تي 30 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

جيسن راءِ 13 بالن تي 6 رنز ٺاهي سمت پٽيل جي بال تي بولڊ ٿي ويو. احمد شهزاد 2 چوڪا هنيا ۽ 8 بالن تي 9 رنز ٺاهي شاهين آفريدي جي بال تي سمت پٽيل هٿان ڪيچ ٿيو، سرفراز 5 بالن تي هڪ رن ٺاهي بين ڊنڪ هٿان سمت پٽيل جي بال تي ڪيچ ٿيو، محمد نواز هڪ چوڪي جي مدد سان 26 بالن تي 10 رنز ٺاهي راجه فرزان جي بال تي دلبر حسين هٿان ڪيچ ٿيو، اعظم خان 4 بال کيڏڻ بعد بنا رن ٺاهي سمت پٽيل جي بال تي بين ڊنڪ هٿان ڪيچ ٿيو، بين ڪٽنگ به ڊڪ تي سمت پٽيل جي بال تي شاهين آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو، سهيل خان ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 32 رنز ٺاهي سلمان ارشاد کيس بولڊ ڪيو، فواد احمد 8 بالن تي هڪ چوڪو هڻي راجه فرزان جي بال تي ڪيپر هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿيو. زاهد محمود 19 بالن تي 19 رنز ۽ محمد حسنين ٻن بالن تي 2 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ميچ جي خاص ڳالهه سمت پٽيل پاران 4 اوورز ۾ 5 رنز ڏئي 4 وڪيٽون وٺڻ هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو