ڪوئيٽا ۾ بائي پاس تي گئس پائيپ لائين ۾ ڌماڪو

ڪوئيٽا ۾ بائي پاس تي گئس پائيپ لائين ۾ ڌماڪو

ڪوئيٽا )ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا ۾ ويسٽرن بائي پاس تي گئس پائيپ لائين ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن سان 18 انچ قطر جي گئس پائيپ لائين کي نقصان پهتو.سوئي سدرن گئس ڪمپني بلوچستان جي جنرل مئنيجر چيو ته نقصان جو اندازو اڄ سيڪيورٽي ڪليئرنس کان پوءِ لڳايو ويندو.هن چيو ته پائپ لائن جي مرمت لاءِ گهربل پائپ ڪراچي مان گهرائڻا پوندا، ۽ شهري هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ گئس جي متبادل ذريعن جو بندوبست ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو