ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو آهي ته ڪوئيٽا ۾ جلد کان جلد مڪاني چونڊون مڪمل ڪيون وڃن، بلوچستان هاءِ ڪورٽ حد بندي جي اختيار کي آئيني طور تي اليڪشن ڪميشن جي دائري ۾ قرار ڏنو آهي، عدالت چيو ته درخواست گذار حد بندي خلاف باضابطه اعتراض داخل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا ۽ ڪنهن به قانوني شق جي خلاف ورزي ثابت نه ٿي، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ حد بندي ۽ مردم شماري سان لاڳاپيل آئيني درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.










