ليکڪ: وقار مصطفيٰ
مغل شھنشاھ محمد شاھ رنگيلو پاڻ کان اڳين ٽن حڪمرانن جيان تاريخ جو ڪمزور حڪمران ر ھيو آهي. ان جي وفات 1748ع ۾ ٿي ته ان جو اڪيلو پٽ احمد شاھ بھادر مجاھد العين ابو نصر 22 سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو. ايورٽ جينڪنز جي مطابق محمد شاھ ڪابل نادر شاھ ۽ ڪٽيھر روھيلھ جي ھٿان وڃائي ويٺو ھو. ڪيترائي ٻيا صوبا آزاد رياستون بڻجي ويا ھئا. احمد شاھ، جنھن کي صفدر جنگ جي سربراھيءَ ۾ مغل اميرن جي ھڪ جماعت تخت تي ويھاريو ھو، جوانيءَ جي باوجود پنھنجي پيءُ کان به وڌيڪ مضبوط نه ھو.
احمد شاھ کي اقتدار يا جنگ لاءِ نه تعليم ملي ھئي نه تربيت ۽ ٿئي به ڪيئن؟
مورخ جادو ناٿ سرڪار پنھنجي ڪتاب ’مغليھ سلطنت جو زوال‘ ۾ لکي ٿو ته شڪي مزاج ۽ ڪنجوس پيءُ ان کي دھليءَ جي محلات جي ھڪ ڪنڊ تائين محدود رکيو ھو. هو حرم جي عورتن، بي توجھي، غربت ۽ پيءُ جي ڊپ ۽ مار ۾ وڏو ٿيو. ھن پاڻ کان اڳ تخت جي وارثن وانگر ڪنھن فوج جي ڪمانڊ نه سنڀالي ھئي. ان کي ايترو وظيفو به نه ملندو ھو جو عام راحتن ۾گذاري سگھي، نه ئي ھن چوگان (پولو)، جانورن جي ويڙھ ۽ شڪار جهڙا شھزادن جا شوق ڪيا. ان طرح وڏو ٿيندي هو ’ڪند ذھن، نرم ڳالهائڻ، بيوقوف نڪتو. هن جي پنھنجي شخصيت ئي نه ھئي، ڪو به جيڪو چاھي ان کي ھلائي سگھي ٿو.‘
سرڪار جي مطابق مادر ملڪه اڌم ٻائي عوامي ناچڻي ھئي جڏھن ان کي احمد شاھ جي پيءُ محمد شاھ سان متعارف ڪرايو ويو. شھنشاھ کي هو ايترو ته پسند آئي جو ملڪه بڻائي ويٺو پر ھن پنھنجا طور طريقا نه بدلايا ۽ پنھنجي پٽ احمد شاھ جي تخت نشين ٿيڻ کي درٻار ۾ پنھنجي وڏائي ڏيکارڻ ۽ پئسو گڏ ڪرڻ جو موقعو سمجھيو.
تاريخدان جسونت لال مھتا جي مطابق اڌم ٻائي کي يقين ھو ته جيڪڏھن مغليه ھندوستان هلڻو آھي ته خوش خو پر سست احمد شاھ سان گڏ ڪنھن ٻئي کي اقتدار سنڀالڻو پوندو ۽ اھا پاڻ آھي. اڌم ٻائي لاءِ اھو ڏکيو نه ھو.
سرڪار چوي ٿو ته ٻائي ۾ حڪومت ھلائڻ يا ان لاءِ قابل ماڻھن چونڊڻ جي صلاحيت ته نه ھئي پر نور جھان وانگر رياستي معاملا پاڻ ھلائڻ چاھيائين. ’روزانه اعليٰ عملدار ان جي مسند تي ويهندي هئي پردي جي پويان، کدڙن فقيرن معرفت سوالين سان ڳالھائيندي ھئي، درخواستون ۽ خط حرم ۾ کيس پڙھي ٻڌايا ويندا ھئا ۽ هو ان تي حڪم جاري ڪندي ھئي، جيڪي حتمي ھوندا ھئا.‘
احمد شاھ جي ماءُ جا پنھنجي ذاتي ملازم جاويد خان سان ويجھا تعلق ھئا، جيڪو نوجوان ۽ خوبصورت کدڙو ھو ۽ طاقتور شخصيت جو مالڪ ھو. شاھي وقار ۾ ڪمي اچي ويئي جڏھن کدڙي جاويد خان قديم شاھي قاعدن جي ابتڙ شاھي حرم ۾ راتيون به گذاريڻ لڳو.
کدڙي جاويد خان جي عروج جي ڪھاڻي
جاويد خان، محمد شاھ جي دور ۾ حرم جي ملازمن جو نائب منتظم ۽ بيگمات جي جاگيرن جو منتظم رھي چڪو ھو. هو اڌم ٻائي جي مڙس جي وفات کان اڳ ئي ان جي ذھن ۽ جسم تي قابض ٿي چڪو ھو. ٻائي جي پٽ احمد شاھ جي تخت سنڀالڻ تي جاويد جي ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي ويئي. کيس ڇهھ ھزاري منصب ڏنو ويو پر ان ڊپ کان ته وڌيڪ ڳالھيون نه ٿين، اورنگزيب جي دور کان هلندڙ جاويد خان جي آقا روز افزوں خان تي به اھا عنايت ڪئي ويئي. هو ان وقت تائين جوڙن جي درد ۾ مبتلا ٿي هلڻ ڦرڻ کان قاصر ھو.
اقتدار ھٿ آيو ته عيش و عشرت جو سامان ڪندڙن ۾ گھرجي ويا ۽ شھنشاھ ته اقتدار ۽ سماج جي ذميوارين کان منھن موڙيو ڄڻ ته ان سڀ لاءِ تيار ويٺو ھو. ميجر پوليئر 1777ع ۾ دھليءَ مان لکيو ته شھزادد احمد جي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ’پاڻ کي مڪمل طور تي شراب، ڀنگ، چرس ۽ ٻين نشيلي شين ۾ ٻوڙي ڇڏيو ھو.‘
احمد شاھ اقتدارکي عملي طور جاويد خان جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ کليل عام سڀ معاملا ان کدڙي کي فيصلي لاءِ موڪليندو ھو. پاڻ بغير روڪ ٽوڪ جي جنسي لذتن ۾ ٻڏي ويندو ھو. هوڏانهن جاويد خان ان پياسي نوجوان جي شراب نوشيءَ جي حوصلا افزائي ڪندو ھو ۽ حرم کي عورتن سان ڀريندو ھو. انھن عورتن سان گڏ مرد به آيا جن جو واحد مقصد عياشي ڪرڻ ۽ واهه واهه ڪرڻ هو. ھن لکيو آھي ته آهستي آهستي شھنشاھ جو ذھن (رڳو) فحش مزاج ماڻھن جي صحبت ۾ رھڻ لاءِ مائل ٿي ويو.
تاريخ احمد شاھي ۾ لکيل آھي ته جاويد کي 19 جولاءِ 1748ع تي ديوان خاص جو منتظم بڻايو ويو. بادشاھ جي درٻار ۾ حاضري ان جي ھٿن ۾ اچي ويئي ۽ هو وفادار مشيرن کي شھنشاھ سان ملڻ جي اجازت نه ڏيندو هو ۽ پنھنجو اثر و رسوخ وڌائيندو ويو.
درٻاري مورخ شاڪر خان جي مطابق کيس جاسوسيءَ جو محڪمو، شاھي ھٿي، انعام ۽ تقرريون، بيگمات جي جاگيرن ۽ شھنشاھ جي خاص خزاني جو به نگراں بڻايو ويو. کيس ست ھزاري منصب ۽ نواب بھادر (شھنشاھ جو نائب) جو خطاب سان گڏ ماھي مراتب، خلعت ۽ پالڪيءَ سان به نوازيو ويو.
بادشاھ تاج جي موروثي وفادارن کان پري ٿيندو ويو
سرڪار جو چوڻ آھي ته جاويد خان هاڻ جنگ ۽ امن، محصولات ۽ تنظيم جا فيصلا ڪندو ھو. ان جو واحد مقصد شھنشاھ ۽ ملڪه کي خوش رکندي اعليٰ طاقت ۽ ان ذريعي دولت حاصل ڪرڻ ھو. ھن پنھنجي لاءِ منافع بخش جاگيرون ۽ انھن مان ايندڙ محصولات شھنشاھ ۽ فوج جي بدران پنھنجي لاءِ مخصوص رکيا. شھنشاھ جي آڏو ماڻھن جي سفارش سان به لکين ڪمائيندو ھو.
تاريخ احمد شاھي جي مطابق جڏھن شھنشاھ ان جي معاملن کي جاويد جي طابع ڪندو ھو ته اميرن کي اھا ڳالھ تمام ڏکي لڳندي ھئي. ان نفرت جي جواب ۾ جاويد انھن سان زيادتيون ڪندو ھو ۽ وچولي درجي جي اميرن کي وڌيڪ عزت ۽ عھدا ڏيندو ھو. نتيجو اھو نڪتو ته بادشاھ تاج جا موروثي وفادار پري ٿيندا ويا.
اخلاقي زوال جي رفتار وڌندي ويئي ۽ احمد شاھ جي اقتدار جي ٻئي سال جي آخر تائين ’انتظام ۽ انصرام ڪمزور ٿي چڪو ھو، رياست جا ستون روز بروز لڏي رھيا هئا. شھنشاھ نه ڪڏھن پنھنجي مملڪت جو پڇندو ھو نه فوج جو، نه خزاني جو.‘ جاويد خان، جيڪو رياست جي سڀني معاملن تي قابض ھو، پنھنجي فطري صلاحيت مطابق انھن کي ھلائيندو ھو ۽ شھنشاھ کي يقين ڏياريندو ھو ته سڀ ڪجھه قاعدن مطابق ٿي رھيو آھي ته جيئن شھنشاھ انھن معاملن کان به ھٿ ڪڍي وڃي جن تي ان جي اڳ ئي نظر ھئي. شھنشاھ لذتن ۾ ايترو ته مگن ٿي ويو ته پورو ھڪ ڪوهه (چار مربع ميل) علائقو عورتن لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين ۽ شھنشاھ ان آرام گاھ ۾ انھن جي صحبت ۾ ھڪ ھفتو يا ھڪ مھينو گذاري ڇڏيندو ھو.
پگهارن جي ادائيگيءَ لاءِ شاھي سامان وڪڻڻو پيو
ڳالھه ايتري تائين وڌي ويئي ته شاھي دربانن، جن کي ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو پگهارون نه مليون ھيون ۽ نه شھنشاھ يا ان جي ڪنھن منتظم انھن جي دادرسي ڪئي ھئي، ھڪ منظر تيار ڪيو. انھن شاھي درٻار جي مک دروازي تي ھڪ گڏھ ۽ ھڪ ڪتيءَ کي ٻڌو ۽ جڏھن امير ۽ ٻيا درباري درٻار ۾ حاضريءَ لاءِ آيا ته انھن کي چيائون ’پھرين اوھين انھن جي آڏو جھڪو. گڏھ ڏانھن اشارو ڪندي چيائون ته ھي نواب بھادر آھن ۽ اھا (ڪتي) حضرت قدسيه، مادر ملڪه.‘ ھڪ دفعي سپاهي پنھنجي واجب الادا تنخواھن لاءِ روز آواز بلند ڪندا رھيا ۽ حڪومت شاھي سامان وڪڻي مشڪل سان ٻه لک گڏ ڪري سگھي.
شاھي مورخ شاڪر خان ان طرح بيان ڪري ٿو: ’شاھي سامان، ھٿيار، قالين، کاڌو پچائڻ جا برتن، کائڻ جا برتن، ڪتاب ۽ اوزار ن جي فھرست تيار ڪئي ويئي ۽ اھي شيون دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن کي وڪيا ويا ۽ حاصل ٿيل رقم سان سپاهين جون پگهارون ادا ڪيون ويون. ان سان عوام ۾ اھڙو ٺـٺول ٿيو جو بيان جي قابل نه آھي.‘
احمد شاھ جي شھنشاھيت جو رانديڪو، ٽن سالن جو ٻار پنجاب جو گورنر
شھنشاھ جنسي لذتن جي زيادتيءَ کان بيزار ٿيندو ھو ته شھنشاھيت جي ٻاراڻين راندين ڏانهن خيال مٽائيندا هئا. مثال طور ھڪ ڏينھن فيبروري 1753ع ۾ پنھنجي کير پياڪ پٽ محمود شاھ کي پاڻ سان گڏ سلاميءَ جي جھروڪي ھيٺان نرگس جي گلن ۾ کڻي ويو. سڀني اميرن ۽ درٻارين جي پٽن کي سڏ موڪليو ويو ته هو شھزادي کي نذرانا پيش ڪن ۽ ان جي پويان ھلن. پوءِ ٻار کي مادر ملڪه ۽ ملڪه زماني جي جھروڪن آڏو کڻي ويو ته جيئن هو شھنشاھ وانگر انھن کي ٻاھران سلام پيش ڪري. پوءِ ٻار کي ان لاءِ نئين ٺھيل ننڍي خيمي ۾ شاھي مسند تي ويھاريو ويو ۽ اميرن جي ٻارن کي ان جي چوڌاري بيھڻ لاءِ موڪليو ويو ۽ پاڻ ان ٻارن جي درٻار جو دورو ڪيو.
خواجا سرائن رستي ۾ شھنشاھ جو استقبال ڪيو ۽ پنھنجي آقا جي طرفان کيس تحفا ڏنا. شھنشاھ ان ئي ٻار کي ٽن سالن جي عمر ۾ پنجاب جو گورنر بڻائي ڇڏيو ۽ رانديڪي وانگر ھڪ ساله ٻار کي ان جو نائب مقرر ڪيو جنھن لاءِ سونھن جي تارن سان ٺھيل ٻارن جا ڪپڙا لاھور موڪليا ويا.
ٻئي پاسي خطرو ھو ته احمد شاھ ابداليءَ جو جنرل جھان خان ڪشمير تي حملو ڪندو پر اتي ھڪ ساله شھزادي طالع سعيد شاھ کي صوبيدار مقرر ڪيو ويو ۽ ھڪ ٻئي پندرھن ساله ڇوڪري کي نائب.
تاريخدان جسونت لال مھتا چوي ٿو ته ’احمد شاھ حڪمران جي حيثيت ۾ چئجي ته ھو ئي نه. پنھنجي ماءُ پيءُ جو مثال ھو، حڪومت ھلائڻ جي نه تعليم ھئي نه تربيت. بدچلنيءَ کي شعار بڻايو ۽ وڌيڪ وقت خراب صحبت ۾ گذاريائين جنھن سان شھنشاھيت جو تصور به مجروح ٿيو.‘ تاريخ احمد شاھي ۾ لکيل آھي ته شھنشاھ کي غصو ڪڏھن ڪڏھن ايندو ھو ۽ اھو به لفظن تائين. فوجي روح ۽ فوج جي سربراھيءَ جي صلاحيت ته پري جي ڳالهھ ذاتي بهادري به نه ھئي. شاھي فوج جھروڪي ھيٺان درخواست ڪندي ھئي ته وڃايل صوبن کي واپس وري وٺڻ جي مھمن ۾ ان جي سربراھي ڪري ته جيئن دھليءَ جي خزاني ۾ وري محصولات اچن ۽ بک کان مرندڙ سپاهين ۽ شاھي ملازمن کي پنھنجي پگهارن جا پراڻيون رهتون ملي سگھن. پر هو ان تي راضي نه ٿيندو ھو. مراٺن جي رڳو اڳڀرائيءَ تي خاندان جي عورتن کي قيد ۽ ممڪنه عصمت دريءَ جي خطري کان خوفزدہ ٿي سڪندرآباد کان ڀڄي ويو جنھن سان ھندوستان جي تاريخ ۾ ان جو نالو ذلت سان ڳنڍجي ويو.
جاويد خان ۽ صفدر جنگ
جاويد خان رياستي معاملن ۾ ھٿ وجھڻ شروع ڪيا ته ٻين اميرن جي مخالفت ۽ حسد جو سامھون ڪيو. جاويد خان جي مدمقابل جلد ئي صفدر جنگ ۽ ٻيا امير ھئا. شھنشاھ ۽ ان جي ماءُ جاويد خان جو حوصلو وڌايو ته هو شاھي طاقت جي قبضي گيرن خلاف سخت موقف اختيار ڪري ۽ انھن کي انھن جي چنگل مان آزاد ڪري.
دھليءَ ۾ صفدر جنگ جو مقبرو
جاويد خان کي گھريلو ملازمن، خاص طور حرم جي عورتن ۽ خواجا سرائن ۽ ننڍن نوڪرن جو ساٿ مليو. اھي ئي ان جا خفيه ڪارندا ۽ سازشي ڪردار بڻيا. انھن نومبر 1748ع ۾ صفدر جنگ کي مارڻ جي پھرين ناڪام ڪوشش ڪئي. نواب وزير، ان ڪوشش کان ايترو ته ڊڄي ويو جو درٻار ۾ حاضري ڏيڻ ڇڏي ڏني. شاھي خواجا سرائن ۽ مغل اميرن جي چپقلش زبان زد عام ٿي ته امن عامه جا مسئلا پيدا ٿيا ۽ شھري انتظام مفلوج ٿي ويو.
ھندوستان تي احمد شاھ ابداليءَ جي حملن جي ابتدا
شھنشاھ جي ھمنام احمد شاھ ابدالي 1747ع کان افغانستان جو حڪمران ھو. ھن ھندوستان تي حملن جي ابتدا ڪئي ۽ ان سان حالات وڌيڪ خراب ٿيا. پنجاب يا لاھور جي مغل گورنر مير مانو دھليءَ کان مدد جون درخواستون موڪليون پر نه مليون ۽ کيس حملي آور جي اطاعت قبول ڪرڻي پيئي. ابداليءَ جي حملن سان حوصلو وٺندي گنگا واديءَ جي ٻن افغان قبيلن روھيلھ ۽ بنگش پڻ دھليءَ خلاف بغاوت ڪري ڏني.
انھن ويجھي علائقي اوڌ ۾ لٽ مار ڪئي. ڇاڪاڻ ته اوڌ صفدر جنگ جي طاقت جو بنياد ھو، ان کي دارالحڪومت ڇڏي پنھنجي سڄي فوج سان بغاوت دٻائڻ لاءِ وڃڻو پيو. ان وقت سڄي گنگا وادي ۽ مرڪزي ھندوستان ۾ مراٺن جو اثر تيزيءَ سان وڌي رھيو ھو. صفدر جنگ چالاڪيءَ سان مراٺن جي مطالبن کي مڃي انھن سان سٺا تعلق قائم ڪيا ۽ انھن جي مدد سان روھيلھ ۽ بنگش پٺاڻن جي بغاوت کي ڪچلي ڇڏيو. ان ئي وچ ۾ ابداليءَ پنجاب تي ٽيون ڀيرو حملو ڪيو. مير مانو کي شڪست آئي ۽ لاھور ابداليءَ جو ٿي ويو.
مغليھ تخت جي حفاظت لاءِ مراٺن سان معاھدو
مغل شھنشاھ کي انھن خبرن تي تمام ڳڻتي ٿي. ’خوف ۾‘ انھن پنھنجي وزير کي دھليءَ جي حفاظت لاءِ اوڌ کان گھرائي موڪليو ۽ چيائون ته پنھنجن مراٺا اتحادين کي به ’ٻاھران حملي آور سان وڙھڻ لاءِ‘ ساڻ کڻي اچي. صفدر جنگ ٻن مراٺا سردارن ملھار راؤ ۽ ھولڪر جيپا سنڌيا سان دھليءَ جي دفاع لاءِ مغل شھنشاھ جي طرفان ’معاھدو‘ ڪيو. معاھدي موجب پيشوا بالاجي باجي راؤ جي طرفان مراٺن پايه تخت ۽ مغل شھنشاھيت کي احمد شاھ ابدالي سميت دشمنن کان بچائڻ جو واعدو ڪيو. بدلي ۾ انھن کي شھنشاھ کان پنجاهه لک روپيا ملڻا ھئا ۽ گڏوگڏ پنجاب ۽ سنڌ مان چوٿ ۽ اجمير ۽ آگري ۾ پيشوا جو گورنر مقرر ٿيڻ، ناگرپور ۽ مٿرا جي فوجداريءَ جو واعدو به ڪيو ويو.
صفدر جنگ کي لڳ ڀڳ ٽن سالن دوران ٻه ڀيرا روھيل کنڊ ۾ رھڻو پيو. ان عرصي ۾ جاويد خان سازش تحت ان جي ساٿي مير بخشي صلابت خان کي عھدي کان فارغ ڪرايو ۽ ان پنھنجي باقي زندگي درويش وانگر گذاري. پوءِ صفدر جنگ کان پوءِ سڀ کان وڏن ٻن عھدن تي پنھنجا ماڻھو ويھاريا. غازي الدين خان کي اميرالامرا جي خطاب سان آگري جو ۽ ان جي ڀاءُ انتظام الدوله خان خانان جي خطاب سان اجمير جو صوبيدار بڻايو.
صفدر جنگ 5 مئي 1752ع تي دھلي موٽيو ته ساڻ پنجاهه ھزار مراٺا فوج ھئي پر کيس حيرت ٿي ته شھنشاھ لاھور ۽ ملتان جا صوبا حملي آور کي ان جي قنڌار موٽڻ کان اڳ ئي ڏئي ڇڏيا ھئا. اھڙو شھنشاھ جاويد خان جي مشوري سان ڪيو ھو جيڪو وزير جي غير موجودگيءَ ۾ ان جو اعليٰ مشير بڻجي چڪو ھو. طاقتور وزير لاءِ اھو سڀ ھضم ڪرڻ ڏکيو ھو ۽ انھن خواجا سرائن جي سردار کي ختم ڪرڻ ۽ ڪٺ پتلي شھنشاھ جا پر ڪپڻ جو فيصلو ڪيو.
صفدر جنگ شھنشاھ جي سڀني ملازمن کي ڪڍي ڇڏيو. خزانو ۽ فوج اڳ ئي مغل شھنشاھ جي ھٿ ۾ نه ھئا، صفدر جنگ ان جا ملازم به پنھنجا مقرر ڪري ڇڏيا. ان طرح شھنشاھ جي حيثيت وزير جي ھڪ قيديءَ واري رھجي ويئي. مراٺن کي صفدر جنگ وعدي جي رقم مان ڪجھه ڏئي ڇڏيو ۽ انھن کي درخواست ڪيائين ته دھليءَ جي آباديءَ تي پنھنجو غصو نه ڪڍو. مراٺا پاڻ به ان درباري ويڙھ ۾ پوڻ نه چاھيندا ھئا. انھن پنھنجي فوجين کي دارالحڪومت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو پر چوڌاري علائقا انھن جي غضب کان محفوظ نه رھيا.
’پنھنجي غداريءَ جو مزو چکو‘
ٻئين جولاءِ 1752ع تي صفدر جنگ يمنا جي پار پنھنجي خيمي مان دھلي شھر ۾ پنھنجي حويليءَ ڏانھن وڃي رھيو ھو. جاويد خان محل مان نڪري انگوري باغ ۾ قيام ڪيو ته جيئن صفدر جنگ رستي ۾ ان وٽ اچي تعظيم پيش ڪري. پر صفدر جنگ ائين نه ڪيو. جاويد پنھنجي شرمندگي لڪائڻ لاءِ دھليءَ جي ھڪ محصول گڏ ڪندڙ چوڌريءَ جي پٽ بالو جاٽ کي گھرايو، کيس خلعت عطا ڪئي. کيس ڪھڙيون ھدايتون ڏنيون ويون ھيون اھو انھن واقعن مان پتو پوي ٿو.
بالو فريدآباد کان پنھنجا سپاهي ساڻ کڻي سڪندرآباد پھتو، مقامي فوجدار تي حملو ڪيو ۽ کيس ٻاھر ڪڍيو، شھر کي لٽيو، مقامي واپارين کي پڪڙي الٽو لٽڪائي پئسن لاءِ ڪوڙا ھنيائون. ماڻھن جي شھنشاھ لاءِ شڪايت صفدر جنگ تائين پھتي. انھن جاويد کان ان بابت پڇيو ته جواب مليو ته هو پاڻ بالو جي خبر وٺندو. جاويد پنھنجي ھڪ وفادار کي بالو وٽ موڪليو جنھن بالو سان ڳالھائڻ کان پوءِ کيس لٽ جو مال ۽ دانا ڪور جي قلعي ۾ پناهه ڏني جيڪو جاويد خان جي جاگير ۾ ھو. درٻاري مورخ شاڪر خان جي مطابق صفدر جنگ ڀريل درٻار ۾ جاويد خان تي بالو جي پشت پناھيءَ جو الزام لڳايو ۽ هو سر جھڪائي ٻڌندو رھيو. جاويد خان 27 آگسٽ تي صفدر جنگ وٽ ويو، ٻنھي گڏجي ناشتو ڪيو.صفدر جنگ جاويد خان کي ھڪ پاسي وٺي ڪجهه سمجھائڻ لڳو. اتي ئي پويان ڪنھن خنجر جاويد جي جگر ۾ ٺوڪيو ۽ چيو ’پنھنجي غداريءَ جو مزو چکو.‘ ٻين ماڻھن اڳتي وڌي ان جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو. مٿو ڪپي وزير جي حويليءَ جي ٻاھر زمين تي ويٺل ان خواجا سرا جي حوارين ڏانھن اڇلايو ويو ۽ ڌڙ يمنا ڪناري تي ريت تي اڇليو.
ماڻھو خوف کان ڀڄي نڪتا. قلعي اندر ۽ ٻاھر جاويد خان جا سڀ خزانا قبضي ۾ ورتا ويا، حرم جي پراڻي منتظم روز افزون خان کي ڪيترائي عھدا وري ملي ويا ۽ ڪجھه عرصو دھليءَ ۾ سڪون رھيو. ھڪ ليکڪ چار گل جاويد خان جي ٺاھيل عمارتن ۽ مسجدين لاءِ چوي ٿو: اھو ماڻھو ڪڏھن به نه مرندو آھي جيڪو پنھنجي پويان زمين تي پل، عبادت گاھ، کوھ ۽ سراءِ ڇڏي ويندو آھي.
شھنشاھ احمد شاھ رياستي معاملا پاڻ ھلائڻ شروع ڪيا
جاويد خان جي وحشي قتل ۽ شھنشاھ ۽ ان جي خاندان سان خراب سلوڪ جي افواھن سان دربار ۽ دھلي ۾ صفدر جنگ مخالف لهر اٿي. خانه جنگيءَ جو ٻارو ٻريو جيڪا دھليءَ جي گهٽين ۾ مئي کان نومبر 1753ع تائين ڇھه مھينا وڙھي ويئي. انتظام الدوله ۽ عمادالملڪ صفدر جنگ مخالف قوتن جا سردار ھئا. ھاڻ طاقت جو توازن انھن جي ھٿ ۾ ھو. حالت خراب ٿيندي ڏسي صفدر جنگ شھنشاھ تي پنھنجي گرفت لوز ڪري ڇڏي ۽ مخالفن سان صلح ڪري ورتو. باھمي معاھدي تحت صفدر جنگ کي اوڌ ۽ الھ آباد جي گورنري ڏني ويئي ۽ هو پنھنجي سڄي فوج ساڻ 7 نومبر 1753ع تي دھليءَ مان روانو ٿيو.شھنشاھ احمد شاھ پنھنجي دور جي آخري ٻن يا ٽن سالن ۾ رياستي معاملا پاڻ ھلائڻ شروع ڪيا. پورا ڇھه ڪلاڪ مصروف رھندو ھو، ان عرصي ۾ نه ڪجھه کاڌائين نه پيئندو ھو. علائقن کان آيل خبرون پڙھندو ھو، صوبيدارن جي خطن جا جواب ڏيندو ھو، شڪايتون ٻڌندو ھو، فوجي فھرستن جو معائنو ڪندو ھو، مالي ۽ انتظامي معاملن تي حڪم جاري ڪندو ھو پر انھن تي ڪڏھن عمل نه ٿيندو ھو.
شھنشاھ جي گھر ۾ فاقن جي نوبت اچي ويئي
سرڪار جي مطابق ’عام طور تي بھترين ۽ سڪون وارا ڳوٺ تاج (خالصه) شھنشاھ جي خاص لاءِ رکيا ويندا ھئا. شھنشاھ ۽ ان جو گھر انھن تي ھلندو ھو پر اڳ جاويد خان ۽ صفدر جنگ جهڙن اميرن ۽ پوءِ عمادالملڪ انھن آمدنيءَ کي پنھنجي لاءِ مخصوص ڪري ورتو. شھنشاھ کي گھٽ ئي حصو ڏيندا ھئا. ان طرح شھنشاھ، ان جو گھر ۽ نوڪر فاقن تائين پھتا.
’گورنر پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ آزاد ۽ خودمختيار ٿي ويا. درٻار سان لاڳاپيل اميرن کي باقاعدي آمدني ملڻ بند ٿي ويئي ته غربت ۾ انھن پنھنجن ملازمن ۽ سپاهين کي فارغ ڪري ڇڏيو. رڳو جاويد خان، صفدر جنگ ۽ ذوالفقار جنگ ئي مناسب آمدني ۽ مضبوط فوج جا مالڪ رھيا پر ذوالفقار به 1750ع جي راجپوت مھم ۾ سخت شڪست کان پوءِ شڪست مڃڻ تائين پھتو. ان طرح شاھي محافظن ۽ دارالحڪومت جي توپخاني جي سپاهين کان سواءِ، جن جي پگهارون مھينن کان واجب ھيون، فوجي طاقت ختم ٿي ويئي. آخر تائين ٽن سالن جا بقايا ھئا.‘
’امارت غربت ۾ تبديل ٿي ويئي. وچ ايشيا جي سپاهين ۽ شھنشاھ جي گھريلو سپاهين وزيرن، اميرن، واپارين ۽ ڪاريگرن کان سڀ قيمتي شيون کڻي وڪڻي ڇڏيون. اميرن کي ايترو ته بي عزت ڪيو ويو جو انھن وٽ رڳو پائڻ جا ڪپڙا ۽ مٽيءَ جا برتن بچيا. جڏھن شھنشاھ تحقيقات ڪئي ته تنخواھن جا ٽي سال واجب نڪتا. خزاني ۾ ھڪ پائي به نه هئي. رڳو طوائف الملوڪي ھئي يعني رياست ٽڪرن ۾ ورھائجي چڪي ھئي.‘
انتظام الدوله کي شھنشاھ خانه جنگيءَ دوران ئي وزير مقرر ڪيو ھو پر ھاڻ عمادالملڪ جي قيادت ۾ اميرن ان جي مخالفت شروع ڪري ڏني. انھن جلد ئي عمادالملڪ جي حق ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. عمادالملڪ ’طاقتور ۽ سازشي‘ ھجڻ جي باوجود ’دھليءَ جي نااهل ترين وزيرن مان ھڪ‘ ثابت ٿيو. خودغرض ۽ طاقت جو بکايل، عمادالملڪ نه ته انتظام ھلائي سگھيو نه مغل درٻار ۾ پنھنجن ساٿين جو اعتماد ماڻي سگھيو. شھنشاھ سان ان جو رويو آمراڻو ھو جيڪو احمد شاھ ۽ ان جي شاھي خاندان لاءِ مايوس ڪندڙ ھو.
اڳوڻي شھنشاھ ۽ ان جي ماءُ جون اکيون ڪڍيون ويون
عمادالملڪ شڪي مزاج ۽ سازشي ھو. پنھنجن دوستن تي به اعتبار نه ڪندو ھو ۽ ھميشه دشمنن کان به ڊڄندو ھو. ان ئي ڪري جيئن ئي صفدر جنگ جي موٽڻ جون افواھون ٻڌيون، عمادالملڪ جو سڪون تباهه ٿي ويو ته ان جي موٽڻ تي وزارت شايد کيس ڏني وڃي. اھڙي سوچ سان عمادالملڪ بي وس شھنشاھ کان تخت کسي ورتو ۽ ھڪ ٻئي مغل شھزادي عزيزالدين کي قيد مان ڪڍي عالمگير ٻئي جي خطاب سان تخت نشين ڪيو.
نئين شھنشاھ احمد شاھ جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو. سيف الله جي سربراھيءَ ۾ سپاهي خاص محل جي ڏيوڙي کان حرم ۾ داخل ٿيا ته احمد شاھ ۽ ان جي ماءُ کي رنگ محل جي آڏو باغ جي وڻن ۾ لڪايو ويو. پھرين سابق شھنشاھ کي ٻاھر ھڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو پوءِ ان جي ماءُ جو منھن لڪائڻ لاءِ منھن تي شال اڇلائي کين به ساڳيءَ ڪمري ۾ گھليو ويو. معزول شھنشاھ پياس ۽ ذهني صدمي جي شدت کان پاڻي لاءِ پڪاري رھيو ھو. سيف الله اتي ئي مٽيءَ ۾ پيل ٽٽل گھڙي جي ھڪ ٽڪر ۾ پاڻي وجھي ان جي وات جي ويجھو ڪيو. ھڪ ڪلاڪ اڳ وارن بادشاھن جي بادشاھ ان کي پي خوش ٿي ويو. تاريخ احمد شاھي جي مطابق ھڪ ھفتي کان پوءِ سابق شھنشاھ ۽ ان جي ماءُ جون اکيون ڪڍيون ويون.
جسونت لال مھتا جو چوڻ آھي ته اڌم ٻائي احمد شاھ ۾ ڪردار جي ڪميءَ کي وڌايو ۽ ان ئي ڪردار جي ڪميءَ ان جي ۽ بادشاھ جي قسمت تي مھر ھڻي ڏني. احمد شاھ بھادر سليم گڙھ قلعي ۾ قيد رھيو، شھنشاھ شاھ عالم ٻئي جي دور ۾ 1775ع جي پھرين جنوريءَ تي 49 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. ان جي ھڪ پٽ (محمود شاھ بھادر بيدار بخت) 1788ع ۾ شاھ جھان چوٿين جي نالي سان مختصر عرصي لاءِ حڪومت ڪئي.
(نوٽ هي مضمون بي بي سي تي شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پيش ڪريون ٿا. اهو پڙهندڙ پان فيصلو ڪن ته پاڪستان جي تاريخ م مسلمان مغل بادشاهن جون ڪيئن ڪرامتون، پاڪ دامني جا ڪوڙا قصا پڙهائيندا رهيا. ايڊيٽر)










