ڪنڊيارو: هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ، عورت قتل، 2 زخمي

ڪنڊيارو: هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ، عورت قتل، 2 زخمي

ڪنڊياري: (ن س) پيرومل ٿاڻي جي حد ڪنڊياري شهر جي کڏ پاڙي ۾ بخت علي چانڊيو جي گهر تي هٿياربندن جو حملو فائرنگ سبب هڪ عورت مارجي وئي ٻه ڄڻا زخمي ڪنڊياري اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪنڊياري شهر جي کڏ پاڙي ۾ بخت علي چانڊيو جي گهر تي هٿيار بندن جي حملي ۾ هڪ عورت خوشبو گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، بخت علي چانڊيو ۽ سندس گهر واري زخمي هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.بخت علي چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته سندس برادري جي هٿياربندن رات جي اونداهي ۾ گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. اهڙي اطلاع تي ڪنڊياري پوليس پهچي زخمين ۽ فوتي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو