اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان اليڪشن ڪميشن سيد يوسف رضا گيلاني جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪندي ويڊيو اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي 22 مارڇ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ کيس نا اهل ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست ڪميشن رد ڪندي چيو هو ته سينيٽ چونڊن ۾ پيسا وٺندڙ ميمبر به اوترا قصوروار آهن، انهن کي ڌر بڻائي سندن بيان حفي سان گڏ نئين درخواست جمع ڪرايو. جنهن بعد ويڊيو ٺاهيندڙ ايم اين اي جي بيان حلفي سان گڏ ٻيهر درخواست داخل ڪئي جنهن تي اڄ ڪاروائي ڪئي وئي. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان به يوسف رضا گيلاني کي رليف ملي ويو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ علي حيدر گيلاني جي وڊيو جي بُنياد تي يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست ڏني هئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ ايم اين اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ووٽن جي وڪري جو الزام مڙهي رهيا آهيو، وڊيو ۾ اُهي ماڻهو به شامل آهن، جيڪي توهان سان گڏ آهن، ڪوارنٽو جي رِٽ ۾ وڊيو کي ثابت ڪرڻ ناممڪن آهي، عدالت کي پارليامينٽ تي اعتماد آهي ۽ اسان سدائين پارليامينٽيرينز جو احترام ڪيو آهي، عدالت پي ٽي آءِ ايم اين اي علي نواز اعواڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.عدالت چيو ته اوهان ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگهو ٿا.










