لاهور(ويب ڊيسڪ)ڪمن ويلٿ گيمز لاءِ پاڪستان هاڪي ٽيم جي چونڊ ڪئي وئي آهي ۽ ٽيم جو اعلان جلد ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ اڪمل حسين، محمد عبدالله اشتياق، رضوان علي، محمد عبدالله ۽ عماد شڪيل بٽ کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ حماد، مبشر علي، اعجاز احمد، معين شڪيل ۽ عبدالمنان کي شامل ڪري سگهجي ٿو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته غضنفر علي، راڻا وحيد، حنان شاهد، احمد نديم، فراز ۽ رمان خان به ٽيم جو حصو هوندا.










