ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪمشنر راولپنڊي جي بيان کانپوءِ اسان جا تحفظات ۽ خدشا واضح ٿي ويا آهن.پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو جبر، ڀتا خورن ۽ سڙيل لاشن کي مسلط ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي.هن چيو ته راولپنڊي ۾ ڪنهن جو ضمير جاڳيو آهي، ڪاش ڪراچي ۾ به جاڳي ها.نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڏو ڪريڪ ڊائون ٿيو، پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو.










