ڪمشنر جو گهوٽڪي ڪنڌ ڪوٽ پل جو دورو

ڪمشنر جو گهوٽڪي ڪنڌ ڪوٽ پل جو دورو

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گهنور علي لغاري ڪنڌڪوٽ پهچي  ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي ڪم جو جائزو ورتو  ۽ نجي ڪمپني ڪيمپ  اندر پل جي ڪم بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪئي گڏجاڻي ۾  ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي. اسسٽنٽ ڪمشنر ۽  لاڳاپيل صوبائي کاتن جي واسطيدار  عملدار موجود هئا ۔ان موقعي تي تنوير ميمڻ  آر اي  ڪنسٽرڪشن ڪمپني  .ڪمشنر   کي  ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هن پراجيڪٽ سان ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي وچ ۾ مفاصلو گهٽجي ويندو ۽ عوام کي تمام وڌيڪ لاڀ رسندو  پل تي ڪم گذريل 2 سالن  کان جاري  آهي جيڪو  3 سالن مڪمل ڪيو ويندو پل کان 15 لک پاڻي آساني سان ڪراس ڪري ويندو . ان موقعي تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گهنور علي  لغاري جو چوڻ هو ته  گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو تعميراتي ڪم ڏسڻ لاءِ هتي  پهتو آهيان .ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل سان ٻنهي ضلعن جي عوام کي تمام گهڻو فائدو رسندو۔ پراجيڪٽ  تي ڪم هلندڙ آهي جيڪو ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيندو .تمام ضلعن جي ماڻهن کي روزگار ملندو.هي پراجيڪٽ سنڌ لاءِ ترقي جو نئون دور شروع ڪندو تنهن کان بعد  ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گهنور علي  لغاري صاحب جن جي صدارت ۾ ڊِي سِي آفيس ڪشمور  ۾ پوليو، پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي ضلعي ڪشمور اندر روينيو  مسئلن متعلق اجلاس ٿي گذريو۔ گڏجاڻيءَ ۾ ڊِپٽي ڪمشنر  منور علي مٺياڻي ،  اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪار  ڊِي ايڇ او. ميڊيڪل آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن  شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي ڪمشنر گنهور علي لغاري گڏجاڻي کي  خطاب ڪندي چيو تہ پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا هر پنجن سالن جي عمر جي ٻار کي ضرور پيئاريا وڃن تہ جيئن هن موذي مرض مان نجات حاصل ڪري سگهجي۔ ضلعي ڪشمور جو ڪو به ٻار پوليو کان رهجي نه وڃي . تعلقه تنگواني تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي  چيف منسنٽر ۽ اسان سڀني جو خواب آهي ته اسان پاڪستان ۽ سنڌ کي پوليو فري بنايو ۔ ان لاء اسان سڀني کي ملي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو . گڏجاڻيءَ ۾ روينيو جي مسئلن تي پڻ ويچاريو ويو ۔ ريوينيو ڊپارٽمينٽ عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته هر کاتيدار کي عزت ڏني وڃي ماڻهن جا جائز ڪم وقت سر ڪيا وڃن  شڪايت جي  صورت ۾ واسطيدار مختيارڪار. سپروائييزر  يا تپيدار خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو