ڪشمور (جي ايم کوسو) ڪلوڙ محله ۾ ڪلوڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ عورتن جي ڳالهه تان جھيڙو لٺين ۽ چاقن جا وارڪري ھڪ ئي گھرجي 2عورتن سميت 3ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ 65سالن جو مريد حسين ڪلوڙ سندن زال الله رکي ڪلوڙ ۽ ڌي شگفته ڪلوڙ شامل آهن. جن کي تعلقه اسپتال ڪشمور ۾ داخل ڪيو ويو، زخمي پير سن مريد حسين ڪلوڙ سنڌ يار سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ملان ڪلوڙ .عبدالفھيم ڪلوڙ خادم ڪلوڙ ۽ ٻين رات جو 2وڳي ڌاري حملو ڪيو. اسان پنھنجي گھر ۾ ستل ھياسين ته مٿين جوابدار ھٿيارن جي زور تي گھر ۾ گھڙي منھنجي گھرواري ۽ منھنجي نياڻي جي وارن کان وٺي مٿن تشدد ڪرڻ شروع ڪيو مزاحمت تي منھنجي مٿان ڪڙڪي پيا ۽ منھنجي اکين وات ۽ ويھڻ واري جاء تي مرچ وجھي ۽ سخت تشدد ڪري فرار ٿي ويا. ڪشمور پوليس اطلاع جي باوجود ڪو نه پھتي صبح جو ٿاڻي تي پھچي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس گرفتاري نه ڪئي آهي.










