ڪشمير ۾ پرتشدد احتجاج 3 اهلڪار ۽ 6 شهري شهيد،ڳالھيون شروع

ڪشمير ۾ پرتشدد احتجاج 3 اهلڪار ۽ 6 شهري شهيد،ڳالھيون شروع

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي پرتشدد مظاهرن جي نتيجي ۾ 3 پوليس اهلڪار فوت ٿي ويا جڏهن⁠ته 6 عام شهري به حياتي وڃائي ويٺا. پرتشدد مظاهرن جي نتيجي ۾ 72 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جن مان 12 جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن⁠ته زخمين ۾ 50 عام شهري به شامل آهن. اختيارين عوام کان اپيل ڪئي آهي ته هو سوشل ميڊيا تي مخصوص ايجنڊا هيٺ ڦهلائي ويل فيڪ نيوز تي ڌيان نه ڏين. آزاد ڪشمير جي صورتحال بابت اڄ اسلام آباد ۾ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. ياد رهي ته حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي ايڪشن ڪميٽي کي ڳالهين جي آڇ به ڪئي آهي. پارليماني معاملن جي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، وزيراعظم آزاد ڪشمير چوڌري انور الحق سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گذريل رات چيو هو ته ايڪشن ڪميٽي جا 90 سيڪڙو مطالبا آزاد ڪشمير حڪومت اڳ ۾ ئي تسليم ڪري ڇڏيا هئا. هن چيو ته 2 اهڙا مطالبا هئا جن لاءِ آزاد ڪشمير جي آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. جن ۾ مهاجرن جون سيٽون ختم ڪرڻ ۽ وزيرن جي تعداد ۾ گهٽتائي ڪرڻ شمل آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان انهن ٻن مطالبن تي به کليل دل سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، هاڻي به گذارش آهي ته جڏهن 90 سيڪڙو مطالبا مڃيا ويا آهن ته باقي ٻن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي…ھواڏنھن وزيراعظم جي حڪم تي قائم اعليٰ سطحي ڪميٽي مظفر پھتي آھي نھن آزاد ڪشمير ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي سرڪاري وفد جوائنٽ پبلڪ ايڪشن ڪميٽي (جي پي اي سي) سان باضابطه ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، تفصيل موجب، پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري ايڪس تي پوسٽ ڪيو ته “پاڪستان جي هڪ اعليٰ سطحي وفد اڄ مظفر آباد ۾ آزاد ڪشمير جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي نمائندن سان باضابطه ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، آزاد ڪشمير ۾ پناهگيرن لاءِ خاص مراعات ۽ مخصوص سيٽن تي ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ احتجاج ۽ پرتشدد واقعا ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو