ڪشمير چونڊون، پ پ ۽ جي يو آءِ  پاران اتحاد جو اعلان

ڪشمير چونڊون، پ پ ۽ جي يو آءِ پاران اتحاد جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علمائي اسلام پاران آزاد ڄامو ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ سياسي اتحاد جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ پيپلز پارٽي ۽ جي يو آئي آزاد ڄامو ڪشمير جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي. پي پي اڳواڻ چوڌري ياسين چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جي يو آئي سان باضابطا سياسي اتحاد جو اعلان ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هن اتحاد سان رياست ۾ ٻنهي جماعتن کي فائدو ٿيندو. هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه ڪشمير جي مسئلي کي هر فورم تي نمايان ڪيو آهي.چوڌري ياسين اعلان ڪيو ته ايل 14 ۽ ايل 23 تي جي يو آئي جا اميدوار ٻنهي پارٽين جا گڏيل اميدوار هوندا. جي يو آئي آزاد ڪشمير جي امير مولانا سعيد يوسف جو چوڻ هو ته اڄ آزاد ڄامو ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان جو پيپلز پارٽي سان اتحاد ٿيو آهي، پيپلز پارٽي اسان کي ٻن تڪن تي سپورٽ ڪندي ۽ ٻين سمورن تڪن ۾ جي يو آئي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي سپورٽ ڪندي. ياد رهي ته آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون 27 جولاءِ تي ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو