مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ چونڊ مهم ختم ٿي وئي آهي، مظفر آباد ڊويزن جي 3 ضلعن ۽ 12 مهاجر سيٽن تي پولنگ 2 آگسٽ تي ٿيندي. آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي 2026ع جي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مظفرآباد ڊويزن جي 3 ضلعن مظفرآباد، نيلم ۽ جهلم ويلي جي 9 تڪن ۾ پولنگ آچر تي ٿيندي. مظفرآباد ڊويزن جي 3 ضلعن ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 8 لک 90 هزار 621 آهي، جن ۾ مرد ووٽر 4 لک 27 هزار 955 ۽ عورت ووٽر 3 لک 81 هزار 666 آهن. سڄي مظفرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 483 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن. آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ مهاجرن جي 12 سيٽن لاءِ پولنگ به 2 آگسٽ تي ٿيندي. ڄمو ۽ ويلي جي 6-6 سيٽن تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ ڪشميري ووٽر پنهنجو ووٽ جو حق استعمال ڪندا. ڄمو جون 6 سيٽون LA-34 ڄمو 1 کان LA-39 ڄمو 6 تائين آهن، جڏهن ته ويلي جون 6 سيٽون LA-40 ويلي 1 کان LA-45 ويلي 6 تي مشتمل آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) غلام مصطفيٰ مغل چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي هدايت يا ڊڪٽيشن تي ڪم ناهي ڪندي، اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي، هارائيندڙ اڪثر ڌانڌلي جا الزام لڳائيندا آهن. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ عوام ووٽ ڏيڻ لاءِ گهرن مان ٻاهر نڪري، جيڪڏهن عوام رُٺو ويٺو رهندو ته پوءِ مسئلو جلسن، جلوسن ۽ احتجاجن سان حل نه ٿيندو. چيف اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته هي آزاد ڪشمير جي تاريخ جي ڏکي ترين چونڊ آهي، جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته راولا ڪوٽ جون چونڊون اڳتي پوئتي ٿي سگهن ٿيون.










